گهوٽڪي لڳ گهر تي حملو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عادلپور ڀرسان ڳوٺ الهرکيو لانگاهه ۾ بااثر پاران زمين جي معاملي تان پورهيت جي گهر تي حملو، لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ ڪري هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي اسپتال منتقل ان حوالي سان  زخمي عورت  مائي سڪينه، امير بخش، عابد عبدالغني  ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيوته علائقي جو با اثر ربنواز لانگاهه پنهنجي ڇاڙتن سان گڏجي اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي ۽ هو بلا وجهه اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته هو با اثر آهي اسان مسڪين آهيون هو بار بار اسان تي حملا ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي، پوليس به سندس وانگارو بڻيل آهي، ان موقعي تي پورهيتن چيف جسٽس سيشن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۽ تحفظ جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.