ڪامريڊ شفيق لاکو پ پ يوٿ ونگ نوابشاھ جو نائب صدر مقرر

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي قيادت ۽ پ پ يوٿ ونگ جي قيادت نوابشاھ جي يوٿ ونگ جي سرگرم ڪارڪنن ڪامريڊ شفيق لاکو پ پ يوٿ ونگ ضلعي نوابشاھ جو نائب صدر ۽ وقار علي ملاح کي پ پ يوٿ ونگ تعلقي نوابشاھ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آھي ٻنھي عھديدارن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آھن جڏھن تہ ٻنھي اڳواڻن ڪامريڊ رفيق لاکو ۽ وقار علي ملاح پنھنجي بيان ۾ پ پ قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو آھي تہ اسان پاڪستان پپيلزپارٽي کي ھن ملڪ جي حقيقي عوامي ۽ جمھوري جماعت سمجھون ٿا جنھن جي بنيادن ۾ شھيدن جو پاڪيزھ خون شامل آھي.

  • فهيمده سيال جي وارثن سان  پاڪ سرزمين پارٽي اڳواڻن جي تعزيت

قمبر ( ڊر ) قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل مسمات فهميده سيال جي وارثن سان پاڪ سرزمين پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي جوائنٽ انچارج احمد علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ تعزيت ڪئي ان موقعي تي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪندي اڳواڻن چيو ته ظلم جي انتها آهي ظالم وڏيري ظلم ڪيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا متاثر ڌر سان هر موڙ تي گڏ آهيون،،

  •  شهيد ڀٽو پاران شاهنواز ڀٽو جي 63 هين سالگره  ملهائي وئي

قمبر ( ڊ ر ) قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو سٽي طرفان شهيد شاهنواز ڀٽو جي 63 هين سالگرهه جو پندرهن پونڊن جو ڪيڪ پريس ڪلب قمبر ۾ ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،محمد جان بروهي،منظور بروهي،طفيل سانگاهه،عرفان گوپانگ،اياز جت،وقار شابراڻي،وسيم چانڊيو ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽيندي چيو ته شهيد شاهنواز ڀٽو مزاهمتي جدوجهد جو علمبردار هو جنهن ضياءَ آمر جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي جنهن جي مشن تي هلي شهيد عوام کي پنهنجا حق وٺي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.