قاتل گرفتار ڪريو، ٺل ۾ جدوجهد ڪميٽي پاران احتجاج

ٺل ( ن ع آ ) ٺل  ويجھو هڪ سال اڳ باءِ پاس وٽ بجلي جي تار لڳائڻ تان جھيڙي دوران قتل ٿيل ٻن مقتولن ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد ڀٽي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي وارثن پاران عبدالصمد نوناري اصغر لاشاري، ظفر لاشاري آصف ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته  جوابدار کليل دهشتگردي ڪندي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي معصوم نينگر ۽ عطائي ڊاڪٽر کي قتل ڪيو ويو جنهن کي هڪ سال کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي پر پوليس جوابدارن کي هٿ  نه ڪري سگھي آهي جنهن کي 13 مهينا ٿي چڪا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيوجوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مٿقولن جي وارثن کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري مقتولن جي  گهرن ۾ ڪهرام متل آهي هنن چيو ته قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.