راڻيپور ويجهو ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پٽ فوت، پيءُ زخمي

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي سچل سرمست گيٽ سامھون قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 13 سالا شاداب علي مغل ٽرالر جي ھيٺيان اچي ٿڏي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.جڏھن ته فوتي نوجوان جو پيءُ سجاد علي مغل شديد زخمي ٿي پيو.اتي موجود ماڻھن ۽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ۽ ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت پوليس پنھنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.فوتي نوجوان جو مڙھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندس رھائش گاھ سومرا محلا راڻيپور آندو ويو جتي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. ۽ سندس زخمي پيءُ کي فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گمبٽ اسپتال نيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.