دوداپور لڳ موٽر سائيڪل ۽ پئسا ڦر، ڏوهاري فرار

دوداپور ( ن ع آ ) دوداپور ويجهو هٿياربندن ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ آچر لھر جي لاڙي وٽان نامعلوم ھٿياربندن عبدالجبار ايري کان سي ڊي 2018 ماڊل موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا رابطو ڪرڻ تي متاثر ڳوٺاڻي جو چوڻ آھي ته دوداپور کان ڳوٺ وڃي رهيو هئس ته نامعلوم موٽرسائيڪل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ ڪجهه پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.