ڄامشورو ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ مزدا ۾ ٽڪر، 12 ڄڻا زخمي

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ انڊس هاءِ وي تي گاهه سان ڀريل مزدا سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شهمير لاشاري، ارباب مگسي، وزير ڏهر، عبدالغني کيڙو، دودو ميرجت، عبدالرشيد پنهور، مبين ميسو، نواب انڙ، غلام انور کوسو، عنايت لنڊ، گلزار چانڊيو ۽ عارف کيڙو زخمي ٿي پيا، زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. زخمين مان 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.