ڄامشورو ۾ بدامني خلاف ريلي، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو شھر ۽ آس پاس ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڄامشورو جي نوجوانن جي جوڙيل ڄامشورو نوجوان سڄاڳ تحريڪ جي سڏ تي ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو, ان موقعي تي اڳواڻن سيد اسد شاھ, رضوان چانڊيو, پير بخش سھارڻ  سيد ساجد شاھ, آزاد سنجراڻي, نور نبي, اين بي کوسو, ۽ ٻين جو چوڻ ھو تـ سڄي شھر ۾ بدامني جي باھ ٻري رھي آھي هر آئي ڏينهن چوري ۽ ڦر جي واردات ٿئي ٿي, ڄامشورو پوليس سواء  فرياد وٺڻ جي ٻي ڪابـ ڪارروائي نٿي ڪري جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڄامشورو پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي,  هنن اعلي’ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شھر ۾ جلد امن قائم ڪري ماڻھن جي گهرن مان چوري ٿيل ڦر ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.