ٽنڊي آدم لڳ باهه، گهر رک، 3 جانور سڙي ويا

ٽنڊو آدم ( ن ع آ) ٽنڊو آدم  ڀرسان تعلقي ٿاڻي ٽنڊي آدم جي حد ڳوٺ ڀائي خان وساڻ لڳ مڇرن کان بچاءۡ لاء ڪيل دونهين مان محمد امين رند جي گهر کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، نتيجي ۾   نياڻي جي ڏاج، گهريلو سامان سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو. جڏهن تهنچوپائي مال جي وٿاڻ ۾ بيٺل 2 ڳئون، 1 ڍڳو سان سڙي مري ويا. ان ڏس ۾ متاثرن پورهيت محمد امين رند ٻڌايو ته  مڇرن کان بچڻ لاءَ  ڪيل دونهين مان گهر کي باھ وڪوڙي وئي. اسين سربچائي ٻاهر نڪتاسين. جڏھن ته گهر پيل گڪ نياڻي جي ڏاج سميت سونا زيور روڪ رقم  سميت سڀ سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. پڻ چوپايو مال 2 ڳنئون، هڪ ڍڳو سڙي مري ويو. اسين کليل آسمان هيٺ ويٺا آھيون.  هن اعلي اختيارين کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.