ڄامشورو ۾ ايس يو پي جو اجلاس، تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڄامشورو (ڊر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٽائون ڪميٽي ڄامشورو جو اجلاس زير صدارت تعلقه صدر ڄامشورو پير بخش سهارڻ ، ٻٻر سينٽر ڄامشورو تي ٿي گذريو۔ اجلاس ۾ چيف آرگنائيزر آصف علي ڀلائي، آرگنائيزر شاهنواز خاصخيلي ۽ آرگنائيزر محسن رضا ڀلائي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرپٽ پ پ حڪمرانن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن خلاف 28 نومبر تي ڄامشورو جي ايم سيد چوڪ وٽ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، اجلاس کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪمراني رهي آهي، پر بدقسمتي سان ٽائون ڪميٽي ڄامشورو جا بنيادي مسئلا جهڙوڪ صفائي سٿرائي جو نه هئڻ، ڊرينيج سسٽم جي مڪمل تباهي ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته ٽائون انتظاميا پ پ ايم پي اي جي حڪم تي ٽائون جي سرڪاري خرچ تي مخصوص علائقن جي صفائي ڪرائي رهي آهي, هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڄامشورو جي بنيادي مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.