ٺل ۾ بدامني، چورين ۽ ڦرن جون وارڌاتون، ٽائرن کي باهه،ڌرڻو

ٺل (رپورٽ : نماڻو نوناري) ٺل ۾ پوليس انتظاميه جي نااهلي سبب هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي هڪ ئي رات چوري ۽ ڦر جون ٽي واراداتون، ان ڏس ۾ شهر جي مين بازار ۾ علي محمد نوناري بوڪ اسٽور جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو ڪنڊيون ۽ ٻيو سامان روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ساڳئي رات ريڙهي هلائيندڙ پورهيت الله ڏتو ۽ بخت الله کان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن اڳ جهلي هزارين روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙي وڌندڙ بدامني ۽ چورن جي آزار خلاف شهرين توڙي سياسي سماجي تنظيمن جسقم، جي يو آءِ ،قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو، استاد گنج بخش نوناري، وسيم قريشي، انعام الله ٻرڙو، جئي چند ڪمار، لالو شفيع پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بازار کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪندي رهبر چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٺل جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته ٺل ۾ پوليس جي نااهلي جي ڪري چوري ۽ ڦر جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن هر رات شهر جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپيا چوري ۽ شهرين کان موبائيل فونون ۽ موٽر سائيڪلون ڦر ٿي رهيون آهن پر پوليس چورن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي، هنن وڌيڪ چيو ته هڪ ئي رات علي محمد نوناري جي بوڪ اسٽور مان لکين روپيا چوري ۽ ٻن پورهيتن کان موبائيل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.