سکر مان 5 ڏينهن اڳ نينگر گم، وارث پريشان

سکر(رپورٽر) جي بسم الله ٽائون جو رهندڙ پنڌرهن سالا نينگر سيد نسيم عباس شاهه گذريل پنجن ڏينهن کان گم ٿي ويو، وارثن پاران ڪافي ڳولا باوجود نينگر جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيوم جنهن سبب نينگر جا گهر ڀاتي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،  ان سلسلي ۾ نينگر جي ڏاڏي سيد عبدالستار شاھ سکر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته نينگر سبزي منڊي سکر ۾ مزدوري ڪندو هو جتان پنج ڏينهن اڳ مزدوري تي وڃڻ بعد واپس نه آيو آهي ڪافي ڳولا باوجود نينگر جي خبر نه پئجي سگهي آهي، هن سکر پوليس ۽ وس وارن کان گم ٿيل نينگر نسيم عباس شاهه جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.