ڄامشورو ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي تقريب

ڄامشورو ( ڊ ر) پوري دنيا ۽ سنڌ جيان ڄامشورو ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ ايس او ايس ڄامشورو ۾ هر سال جيان هن ڀيري به  تقريب رٿي وئي،  تقريب ۾ ايس او ايس چلڊرين وليج جي هرمن مائينر ايليمنٽري اسڪول سوڌو مختلف اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ منتظمین وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن ڀيري ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جو موضوع سيڙپڪاري پنهنجي مستقبل تي، سيڙپڪارن پنهنجي ٻارڙن تي هو، تقريب جي خاص مهمانن جو اعزاز سمورن جي نانءُ ڪيو ويو هو. تقريب کي ايس او چلڊرين وليج ڄامشورو جي چيئرمين دوست محمد چانڊيو، چيئرمين يوٿ هوم ياسمين مري، ڊائريڪٽر ناياب جميل سومرو، سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر تهمينا مفتي، فنانس سيڪريٽري پرديپ ڪمار، ڊاڪٽر چنديرام، ڊاڪٽر هيرامڻي، شفقت نظاماڻي سڪندر بڙدي، تفصيل رحمان ڀلائي ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونديا.

  • ٽنڊومستي پوليس جي ڪاروائي،  اشتھاري گرفتار

ٽنڊومستي (ن ع آ) ٽنڊومستي پوليس دوراني گشت ڪاروائي ڪري ھڪ اشھتاري مجرم ڳوٺ لعل بخش اڄڻ واسي غلام حسين پٽ الاھي بخش اڄڻ کي گرفتار ڪري ٽنڊومستي ٿاڻي تي لاڪب ڪري ڇڏيو آھي . جڏهن ته گرفتار مجرم  مٿان ٽنڊومستي ٿاڻي تي پڻ ڪيس داخل ٿيل آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.