ڪرمپور ۾ چوپايو مال ڦر ڪري ڳوٺاڻي کي زخمي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڪرمپور (ن ع آ)  ڪرمپور ۾ بنگلاڻي برادري جي ماڻهن ڪريم داد بنگلاڻي، عبدالحڪيم، عبدالحميد، عبدالجبار، سائينداد بنگلاڻي، عمران بنگلاڻي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن پهريان اسان جي برادري جي ماڻهن اسان جو چوپايو مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران اسان جي نوجوان ڪريم خان عرف ڏاڏو بنگلاڻي کي گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ويو جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هن وقت به لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ۾ داخل آهي ڪافي ڏينهن گذرڻ باوجود ٺل بي سيڪشن پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري, ڳوٺاڻن مظاهرين جو وڌيڪ  چوڻ هو ته حد جي ٺل بي سيڪشن پوليس اسان جي ڪيس جي جوابدارن کان رشوت ورتي آهي, پوليس انهن کي گرفتار نه ٿي ڪري, آخر ۾  مظاهرين دانهيندي چيو ته جوابدار بااثر آهن, اسان کي ڪيس کان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهيا آهن, ڊي, آء جي لاڙڪاڻو, ايس, ايس, پي جيڪب آباد ۽ ٻيا وس وارا واقعي جو نوٽس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.