گمبٽ مان گم ٿي ويل ناري واپس نه وري، پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو

سوڀو ديرو ( اورنگزيب پيرزادي وٽان) تيرهن ڏينهن اڳ گمبٽ مان پراسرا نموني گم ٿيل نوجوان نياڻي سويرا کھڙو جي بازيابي لاء ڳوٺ ڪوڙل کھڙو م قران شريف کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي رياض حسين کھڙو ـ لعل بخش کھڙو  ـ نظير حسين ـ محمد پريل کھڙو  ـ باغ علي ڄامڙو ـ بلاول ڏيسي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو ـ ان موقعي تي نياڻي جي والد رياض حسين کھڙو ۽ ٻين قران شريف ھٿن م کڻي چيو ته اسان سان انصاف ڪريو ـ  مظاھرين چيو ته افسوس تيرهن ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان ناري سويرا کھڙو  جو ڪو پتو نه پيو ـ پوليس ھن وقت تائين ڪجهه ڪري نه سگهي ـ ھنن چيو ته نياڻي بازياب ڪرائڻ بدران اسان مٿان دٻاء آهي ته ڪيس تان ھٿ کڻو ٻي صورت م اوھان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا ـ ھنن چيو ته اگر جلد سويرا بازياب نه ڪرائي وئي ته قومي شاھراھ  تي ڌرڻو ھنيو ويندو ،ھنن بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه آء جي سنڌ کان گھر ڪئي ته سندن نياڻي بازياب ڪرائي وڃي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.