ھي وقت مالياتي ۽ سامراجي نظام جو آهي: ڪامريڊ بخشل ٿلهو

شھدادڪوٽ ( ن ع آ)  شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم جي ميزباني هيٺ "سياسي ۽ معاشي صورتحال”تي ليڪچر ڏيندي عوامي ورڪرز پارٽي جي صوبائي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته حڪمران سياست ڪنھن ڏانهن به جوابدار نه رهي آهي، عوامي سياست ئي عوام ڏانهن ذميوار ھجي ٿي,ھي دور معاشي پستي، عالمي بحرانن ۽ انتھا پسندي جو آهي، حڪمرانن مان مايوس ٿيڻ ضروري آهي تڏهن ئي نوان دڳ نڪرندا,اسان خوش فھمي نه ٿا پالي سگهون تنھن ڪري ڪو به اسلامي نظام جو لالي پاپ نه ٿو ڏئي سگهي, ھي وقت مالياتي ۽ سامراجي نظام جو آهي، جيڪو لاڳيتي بي رحم غلامي جو نتيجو آهي, هن چيو ته عالمي سياست جي نبض جاچڻ کانسواءِ ڏيھي سياست کي سمجهي نه سگهبو, اسان جو ملڪ عالمي بحرانن جا مرڻا ۽ پرڻا کائيندڙ آهي جنهن جو فائدو رياستي طبقي ورتو آهي جنهن جو ڪردار ونگارو آهي تقريب کي سينگار نوناري، وھاب پندراڻي خطاب ڪيو، جڏهن ته صوفي عبدالخالق بلوچ,ڪامريڊ عرس سيلرو,روبينا چانڊيو,شانل کوسو، فضل حيدري,شمس ابڙو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.