اسان پنهنجا حق وٺڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ گهرجي: اختر حسين جبار

سوڀو ديرو (ن ع آ) ڊگري ڪاليج سوڀوديرو جي آڊيٽوريم حال ۾ قانوني ۽ سماجي معاملن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سيمينار ٿيو جنهن کي بهترين قانون دانن مهمان خاص اختر حسين جبار شاهد حسين سومرو  اڳوڻي جج اشفاق احمد شاه بخاري ۽ بيريسٽر علي طاهر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ان موقعي تي مقررين چيو ته عام ماڻهون پنهنجي پاڻ ۾ شعور پيدا ڪري مسئلن جي حل لاء پاڻ اٿي پوي جيڪڏهن ڪنهن دوست کي وڪيل ڪرڻ جا پيسا ناهن ته پنهنجو وڪيل پاڻ ٿئي اهڙي قسم جي قانون ۽ آئين پڻ اجازت ڏئي ٿو هن معاشري ۾ سماجي براين جو جڙ جاگيرداري ۽ وڏيرڪو نظام آهي عام ماڻهون کي جاڳڻو پوندو پنهنجن حقن لاء جيڪڏهن اسان پنهنجا ٻچا وٺي هڪ فرد کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پهچايون ٿا ته انهن مٿان فرض ٿئي ٿو ته هو اسان جا بنيادي مسئلا حل ڪن پر بدقسمتي سان ايئن ٿئي نٿو هو جيڪي ظاهري طور اسانجا نوڪر ٿين ٿا جڏهن انهن کي پاور ملي ٿو ته هو سرڪاري مشينري جو نا جائز استعمال ڪندي عام ماڻهون سان ملڻ به پسند نٿو ڪري جيڪو پڻ هن معاشري جي قانوني ۽ سماجي برائي آهي اهڙن عنصرن مان جان ڇڏائڻ لاء اسان کي اڳتي وڌي پاڻ جهڙن ۽ جن ۾ عوامي خدمت ڪرڻ جي سگھ هجي انهن کي چونڊڻو پوندو اسين جيسيتائين قانون ۽ سماج ۾ پنهنجي حق وٺڻ جي سگھ پيدا نه ڪندا سين تيسين ناظم جوکيو ۽ ام رباب ۽ اهڙي قسم جا هزارين واقعا سنڌ ۾ ٿيندا رهندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.