شڪارپور جي ناري پاران پسند پرڻو ، تحفظ جي گهر

ڳڙھي ياسين(ن ع آ  )  شڪارپور شھر جي دستگير ڪالوني جي رهواسڻ 19 ورهين جي ناري صائمه ڌي گلزار ابڙو ۽ نوجوان فاروق احمد ولد قائم علي ڪمبوهو جن گهران نڪري  سکر جي عدالت جسٽس آف پيس وٽ پهچي  شريعت محمد ﷺ موجب نڪاح ڪري ڇڏيو آھي ، هوڏانهن نوجوان ناري صائمه صحافين وٽ دانهيندي چيو ته مان گهران ٻن ڪپڙن مان نڪري نوجوان قائم ڪمبوهه سان شريعت محمد ﷺ جي نڪاح ڪيو آهي ، نڪاح بعد منهنجا والدين منهنجي مڙس ۽ انهن جي گهروارن خلاف ڪوڙو اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسان ٻنهي کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن ، منهنجا والدين پئسن عيوض منهنجي شادي وڏي عمر جي نوجوان سان ڪرائي رهيا هئا جنهن سان نه ٿي ڪرڻ چاهيان ، هن چيو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ، منهنجا والدين منهنجي مڙس ۽ انهن جي والدين خلاف ڪنهن به ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائن ته اهو ڪوڙو سمجهيو وڃي ۽ اسان ٻنهي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.