غوثپور ۾ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو

غوثپور (ن ع آ) غوثپور  ويجهو ڳوٺ ڳڙھي لاڙو جي رهواسين جو شڪارپور پوليس خلاف نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڳوٺ ٻاهران ڌرڻو  هنيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻن امابخش اوڳاهي نظير احمد اوڳاهي شاھ بخش اوڳاهي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان منو اوڳاهي کي گرفتار ڪري نامعلوم منتقل ڪري ڇڏيو  جڏھن ته اسان جي نوجوان مٿان ڪنهن ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي هنن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ايس ايس پي شڪارپور آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.