ڪنگري لڳ ارڙي وبا وگهي ٽن ڏينهن اندر 3 معصوم ٻارڙا فوت

پيرجوڳوٺ (رپورٽ علي گل جوڻيجو ) ڪنگري لڳ ڪوٽ ميرمحمد ۾ ارڙي جي بيماري وبا جي صورت اختيار ڪري وئي آهي ٽن ڏينهن اندر 3 معصوم ٻارڙا ٻه سالا طيبه ڌيء محمد قاسم مڱڻيجو، 4 محمد بخش ولد حاجن مڱڻيجو، ٻن مهينن جي راشدہ ڌيء محمود شيخ فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 30 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا علي جان، فاروق احمد، ارشاد علي، ڪلثوم، شہناز، دعا، احمد علي مڱڻيجو ۽ ٻيا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهنڪري رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهن. ان ڏس۾ ڳوٺاڻن محمد قاسم مڱڻيجو، امان الله مڱڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني کان ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ ٽن ڏينهن اندر ڄاڻايل 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن پر هن مهل تائين ڊاڪٽرن جي ٽيم به پهتي آهي اهڙي صورتحال ڪري اسين سخت پريشان آهيون ۽ معصوم ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ آهن. هنن گهر ڪئي ته جلد ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.