حڪومتي ھٺ ڌرمي ۽ اپوزيشن جا ارادا

تحرير؛فياض چنڊ ڪليري

17 نومبر تي ٿيل پارليامينٽ جي اجلاس جي حوالي سان مختلف تجزيي نگارن ۽ سياسي پنڊتن جا سمورا تجزيا، بي موت مري ويا ۽ پارليامينٽ ۾ وفاقي حڪومت جي سرسي جي لِڪل راز کي ڊاڪٽر عامر لياقت جي انھي مختصر جملي پڌرو ڪري ڇڏيو ته “پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اسان نه آياسين بلڪه آندا وياسين” ھاڻ انھي جملي کي سمجھون چڱي ريت سمجھن ٿا ته جڏھن به ھن ملڪ ۾ سياسي صورتحال ڪنھن فيصلائيتي موڙ تي پھچندي آھي تڏھن ڪھڙيون قوتون مداخلت ڪري معاملن جو رخ پنھنجي حق ۾ موڙي ڇڏينديون آھن .

پارليامينٽ جي اجلاس کان پھريان تائين اپوزيشن جي اڳواڻن توڙي انھن جي ھمايتي ڏاھن پاران اھو چيو پئي ويو ته 17 نومبر تي ٿيندڙ پارليامينٽ جو اجلاس حڪومت لاءِ تمام گھڻو ٽف ھوندو ۽ مخالف ڌر انھي اجلاس ۾ حڪومت کي سندس من ماني ھلڻ نه ڏيندي جڏھن ته اپوزيشن جو اھو به خيال ھيو ته حڪومت ۽ اصل طاقتور ڌرين وچ ۾ وفاقي کاتن جي ڪامورن جي مقررين ۽ بدلين جي حوالي سان اختلاف چوٽ چڙھي چڪا آھن جنھن جي نتيجي ۾ حڪومت جو اقتداري توازن پڻ لوڏن ۾ آھي پر 19 نومبر واري اجلاس ۾ اپوزيشن جي سمورين خام خيالين ۽ دعوائن جي ڦوڪڻن مان ھوا نڪري وئي ۽ ان سڄي معاملي ۾ اچرج جوڳي ڳالھه ھي آھي ته انھي اجلاس ۾ حڪومتي بينچز تي براجامان رھندڙ سمورن ميمبرن باقاعده شرڪت ڪئي پر اپوزيشن سان تعلق رکندڙ اھم ماڻھن جي غير حاضري ڊاڪٽر عامر لياقت واري بيان جي ڄڻ تصديق شامل ٿي ڇاڪاڻ ته ان اجلاس ۾ اپوزيشن پنھنجي ميمبرن جو ڪورم پورو نه ڪري سگھي

پاڪستان پيپلزپارٽي جا ميمبر سڪندر ميندرو، نويد قمر، يوسف ٽالپر جھڙا دبنگ پارليامينٽيئرن غير حاضر ھئا ساڳئي وقت علي وزير ۽ اختر مينگل پڻ اجلاس ۾ نظر نه آيا جنھن مان اھا ڳالهھ پڌري ٿي وڃي ٿي ته موجودھ وفاقي سرڪار ۽ وزير اعظم عمران خان جي چھري تي عيان ٿيندڙ خود اعتمادي پُٺيان سندس سياسي بصيرت پارٽي جي ماڻھن تي اعتماد ۽ حڪومتي ڪار وھنوار تي مضبوط گرفت ھئڻ کان وڌيڪ کيس انھن ڌرين جي مضبوط حمايت ڪار فرمان رھي ھن ملڪ جي اھا سياسي ۽ جمھوري بد قسمتي ئي چئبي ته پاڪستان ۾ ڪڏھن به ڪنھن جي به حڪومت دوران حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ لاڳاپا اھڙا آئيڊيل نه رھيا هجن جنھن کي ڏسي اھو اطمينان ٿئي ته ٻئي ڌريون ملڪ ۾ جمھوريت جي مضبوطي ۽ سياسي نظام جي استحڪام لاءِ ڪجهھ بنيادي ڳالھين تي متفق آھن ماضي ۾ به اھڙا منظر پارليامينٽ اندر نظر ايندا رھيا آھن جنھن مان اھو نتيجو سولائي سان اخذ ڪري سگھجي ٿو ته ھن ملڪ جي سياسي اڳواڻن جي ظاھري طور جمھوريت پسندي جي پُٺيان سندن آمراڻا رويا وڌيڪ مضبوط رھيا آھن جن جي قيمت وري وري ھن ملڪ انھي جي نظام ۽ غربت مھانگائي، بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام کي ڀرڻي پئي آھي اھي ئي ساڳيا رويا پارليامينٽ جي گذريل اجلاس ۾ به ڏسڻ وٽان مليا

جڏھن اپوزيشن جي شديد ترين احتجاج ۽ لُڙ جي باوجود وفاقي حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان ھڪ ئي ڌڪ ۾ 23 بل سولائي ۽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪرائي ورتا انھن منظور ڪرايل بلن ۾ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ( اي وي ايمز) جي استعمال ۽ پرڏيهھ ۾ رھندڙ پاڪستانين کي انٽر نيٽ ذريعي ووٽنگ جو حق ڏيڻ انھي کانسواءِ بدعنواني جي روڪ وارو ترميني بِل، ڀارتي جاسوس ڪلبوشن ياديو بابت عالمي عدالت انصاف ۾ نظر ثاني ۽ غور، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان بينڪنگ سروسز ڪارپوريشن ترميمي بل، ريپ جي روڪ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) واري بل سميت ٻيا ڪيئي تڪراري بل شامل ھُيا. پھرين ئي بل تي اپوزيشن جي 203 جي مقابلي ۾ حڪومت جي 221 ووٽن جي برتري کانپوءِ اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي اپوزيشن جا ميمبر بعد ۾ واپس آيا پر حڪومت سولائي سان نه رڳو ايجنڊا ۾ شامل 28 بل بلڪه ضمني ايجنڊا ۾ شامل وڌيڪ 5 بل به منظور ڪرائي ڇڏيا ۽ ايوان مان منظور ڪيل بلن ۾ خود اپوزيشن جا پڻ 2 بل شامل ھُيا.

اجلاس دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وچ ۾ ڏند چڪ ھڪٻئي تي اُلرون اپوزيشن جي ميمبرن اسپيڪر جي سامھون گڏ ٿي نعريبازي پڻ ڪئي ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ھوا ۾ اڏائي ڇڏيون. اجلاس کانپوءِ گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ منظور ڪيل بلن کي عدالت سڳوري ۾ چيليج ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو آھي ۽ چيو آھي ته حڪومت بل منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. ڇاڪاڻ ته حڪومت کي 222 ووٽ گھربل ھئا قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شھباز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جميعت علماءِ اسلام جي اسد محمود سميت ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهھ ٻول ڪئي

انھي موقعي تي شھباز شريف چيو ته قانون سازي کي اڄ بلڊوز ڪيو ويو اھڙي ماحول ۾ قانون سازي نٿي ٿي سگھي، اپوزيشن جي ووٽن کي گھٽ ظاھر ڪيو ويو. اپوزيشن اعتراض به ڪيو پر انھي کي ڪا به اھميت نه ڏني وئي ته اسان مجبورن واڪ آئوٽ ڪيو شھباز شريف وڌيڪ چيو ته دنيا جي 167 ملڪن مان صرف 8 ملڪن ۾ اي وي استعمال ٿئي ٿي 9 ملڪن انھي کي بند ڪري ڇڏيو آھي اليڪشن ڪميشن به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي رد ڪري ڇڏيو آھي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو ته گڏيل اجلاس جا پنھنجا رولز ھوندا آھن مون پوري ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کي رولز ٻڌايان، جوائنٽ سيشن مان ڪنھن به بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ 221 ووٽن جو ھجڻ ضروري آھي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي ڪا به سوڀ نه ٿي آھي

بلاول وڌيڪ چيو ته ڪلبوشن کي اين آر او، اليڪشن ترميمي بل سميت ٻين بلن کي اسان ھر فورم تي چيلج ڪنداسين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بعد پڌري ٿيندڙ سياسي منظر نامي مان اھو اندازو سولائي سان لڳائي سگھجي ٿو ته حڪومت جي مرضي ۽ منشا وارن بلن جي منظور ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت کي وقتي طور تي ته سھارو ملي ويو آھي پر ماضي جي سمورن تلخ تجربن ۽ ملڪ جي موجودھ بحراني صورتحال جي پيش نظر اھو ياد رکڻ گھرجي ته حڪومت لاءِ ھي ھڪ وڏي آزمائش پڻ آھي حڪومت جيڪي بل منظور ڪرايا آھن انھن مان ڪجهھ اھڙا آھن جن بابت نه مخالف ڌر مطمئين آھي نه ئي عوام. انھي ڪري ھن صورتحال جا جيڪي منفي نتيجا سامھون ايندا انھن جو حڪومت کي ته شايد گھٽ نقصان ٿئي پر انھي سان جمھوري نظام کي وڏي ڌڪ جو انديشو آھي انھي ڪري اسيمن سمجھون ٿا ته وفاقي حڪومت کي گھرجي ته مخالف ڌر جي سمورن جماعتن کي ھڪ ھنڌ ويھاري انھي سان مختلف معاملات ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال بابت مشاورت ڪري ته جيئن ملڪ جي موجودھ ڳنڀير مسئلن کي افھام ۽ تفھيم سان حل ڪري سگھجي.

اھڙي وسيع ۽ مثبت سوچ ۽ عملي طريقي سان جمھوريت کي ھٿي ملڻ جو رستو ھموار ٿيندو انھي سان ئي ملڪ اندر سياسي ۽ انتظامي استحڪام پيدا ٿيندو ۽ جيڪڏھن حڪومت ھاڻ به پنھنجي انا جي گھوڙي تي سوار ٿي اپوزيشن جي سمورين تجويزن کي رد ڪندي پنھنجي مرضي سان پوري نظام کي ھلائڻ تي بضد رھندي ته انھي سان صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿيندي ۽ ملڪي حالات اڳ کان وڌيڪ منجھي ويندا. انھي ڪري موجودھ وفاقي سرڪار کي پنھنجي سياسي طرز عمل ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، رڳو ھوائي تبديلي ۽ خوابن جي دنيا عوام کي ڏيکارڻ واري روش جاري رکي وئي ته ھن ملڪ جو عوام اڃا وڌيڪ حالتن جي جبر جو شڪار ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.