ڳڙهي ياسين ويجهو جکرا برادري جو چڱو مڙس لاڏاڻو ڪري ويو

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) گذريل ڏينهن ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ مصري واهڻ جو رهواسي  بئنڪ آفيسر جکرا برادري جو معزز شخص لياقت علي جکرو دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ، مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ، شهرين ، دوستن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، مرحوم جو مڙھ سوين آلين اکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽئ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم جو تڏو ڳوٺ ۾ وڇايو ويو جتي سندس پوئرن پٽ فياض احمد ، رياض احمد ، نواب علي جکرو ، عدنان ۽ ٻين  سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي ، هوڏانهن  سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر جي ڀاء اڳوڻو ٽائون چيئرمن آغا شجاع الدين دراني ، پ پ ضلعي شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻو ايم پي اي  ذوالفقار علي خان ڪماريو، تقي عباس ڪماريو ، سماجي اڳواڻ عبدالرزاق اوڍو ، سردار ذوالفقار سيلرو ، ايڊوڪيٽ منظور گل جکرو ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي.

  • گهوٽڪي جي سرڪاري اسپتال مان موٽر سائيڪل چوري

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي سرڪاري اسپتال مان ملازم جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي،گهوٽڪي جي سرڪاري ۾ نامعلوم چور اسپتال جي ملازم محمد نواز چني جي موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.