سماج گلن جهڙن ٻارن جي قتل جو درد محسوس ڪري

20  نومبر تي سموري دنيا ۾  ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو پئي ويو،  ان ڏينهنن سنڌ  ۾ هڪ 11 ورهين جي ٻار  کي  درنده صفت ٻن وحشين اغوا ڪرڻ کانپوءِ بدفعلي ڪئي. ان بعد  هن کي بي درديءَ  سان قتل ڪري ڇڏيو. اهو واقعو خيرپور ضلعي جي ٻٻرلوءِ  شهر ۾  ٿيو.

ٻن ورهين کان ڪرونا جي وبا جي ور چڙهيل دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ٻارڙا ئي متاثر ٿيا آهن جنهن ڪري سال 2021 ۾ گڏيل قومن جي اداري  ٻارن جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”هر ٻار جي لاءِ محفوظ مستقبل“ رکيو هو.پر اسان جنهن سماج جو حصو آهيون اتي سونهن ۽ خوبصورتي پڻ هڪ وڏو ڏوهه بنجي ٿي وڃي. ان واقعي جو تفصيل پوليس جي عملدار ٻڌايو آهي جنهن موجب جمعي واري ڏينهن قتل ٿي ويل ٻارڙي جو والد پريتم داس ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ته سندس پٽ ڪانها ڪمار ڪجهه ڪلاڪن کان گم آهي. جنهن جي ڳولا ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن ان ٻار جو لاش هڪ ويران جڳهه مان مليو جنهن تي بروقت ڪارروائي ڪندي ان ٻار جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. جنهن سان بد فعلي جي تصديق ٿي، پوليس موجب ٻار کي سروٽا هڻي قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس عملدار جي جيڪا ڳالهه اخبارن ۾ رپورٽ ٿي آهي ان موجب ڊي اين اي ڪرائڻ کانپوءِ پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن انعام شاهه ۽ مدثر مڱڻهار اهڙي ڏوهه جا قبولدار پڻ ٿيا آهن.پوليس موجب ته ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي مقتول ٻار جي چاچي ڀڳوانداس  جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪانها ڪمار سينٽ ميري اسڪول سکر ۾ پنجين ڪلاس جو شاگرد هو.ٻار جي اهڙي دردناڪ قتل تي سندس اسڪول جي شاگردن واقعي خلاف مظاهرو ڪيو. انهن جي هٿن ۾ بينر هئا جن تي قتل جي نندا ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو هو. 11 ورهين جي هن ٻار جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد سندس لاش  ساڌ ٻيلي وٽ  سنڌوءَ پرواڻ ڪيو ويو. ان دوران  هر اک الي ٿي وئي، مڪمل سوڳ جو ماحول ڇائينجي ويو .

ٻئي طرف مقتول ٻار جي گهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي. سوڳ ته سموري سنڌ جي حساس ماڻهن جي اندر ۾ پڻ ڇانيل آهي، صوفين ۽ فقير واري سنڌ اڄ سوال ڪري ٿي ته  سماج ۾ ڪهڙي افراتفري پکڙجي وئي آهي، هن معاشري ۾ ڪهڙو وحشت جو دور اچي ويو آهي جو هتي بنا ڪنهن ڏوهه جي معصوم ٻار کي اغوا بعد قتل ڪرڻ  جو ظلم  وڌي ويو آهي اهڙا واقعا روز ڪٿي نه ڪٿي ٿي رهيا آهن، جنهن کي روڪڻ لاءِ نه ڪا سول سوسائٽي آهي نه ئي وري ڪا سياسي سماجي ڌر آهي جيڪا هن ناس ٿيندڙ ، تباهه ٿيندڙ سماج کي ڪو روڪ ڏئي سگهي.

سونهن ۽ گلن جي ويري وحشين ۽ درندن جو حوصلو ايترو ڪئين وڌي ويو آهي جو هو سنڌ جي صدين جي ريتن رسمن کي پٺي ڏئي اهڙا ڏوهه ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿا ڪن.ڇا اسان هن جديد دور ۾  اهڙي معاشر ي۾ داخل ٿي ويا آهيون جتي جهنگ جو قانون آهي، جيڪو ڏاڍو آهي سو گابو آهي ۽ انهن اڻ سڌريل وحشين کي ڪو به چوڻ وارو نه آهي، انهن کي ڪو به روڪڻ وارو نه آهي، ڇا اسان  وٽ ائين ئي ٿيندو رهندو، اسان ڇا ۾ ٻي دنيا کا مختلف آهيون ،اسين ڇا ۾  ٻين کان اڳيان آهيون، جيڪو سماج ٻارن ۽ عورتن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪري ٿو، اهو ڪهڙي منهن  مهانڊي سان دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندو؟

اهڙن واقعن جي حوالي سان هڪ ڳالهه اها به آهي ته اڪثر اقليتي برادري کي اهڙي ظلم جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ، ڳچ عرصي کان سنڌ جو هندو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي، جنهن جو هڪ سبب انهن جي ٻارن ۽ نياڻين جي عزتن ۽ زندگين جو غير محفوظ بڻجي وڃڻ آهي.سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کي اهڙن لاڙن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي ٺوس۽ عملي قدم کڻڻ گهرجن جيڪي صرف ڏيکاءُ لاءِ نه هجن پر انهن جو ڪو جوڳو نتيجو پڻ نڪرڻ گهرجي، ان صورت ۾ ئي اقليتن کي تسلي ٿي سگهندي ٻي صورت ۾ سکڻن اعلانن کان هاڻي ڳالهه گهڻو وڌي وئي آهي.

سموري سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين کي  به اهڙن واقعن تي چٽو موقف ظاهر ڪري  اقليتي برادري ۾ وقت سان گڏوگڏ وڌندڙ مايوسي ۽ نااميدي مان ڪڍڻ جي لاءِ انهن جو ڀرجهلو ٿيڻو پوندو،انهن جو حال ڀائي ٿيڻو پوندو، انهن کي نه رڳو تحفظ جو احساس ڏيارڻو پوندو پر انهن جي تحفظ جي لاءِ عملي ميدان ۾ به اڳتي اچڻو پوندو نه ته اسان به هڪ وحشي درندن کي هن سماجي توازن کي ناس ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيداسين..

اسان وٽ اهڙن واقعن جا ڪي انگ اکر ته نه آهن پر اهو عام ۽ مڃيل خيال آهي ته اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾  انهن کي روڪڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن توڙي انتظاميه ڪا به اهڙي رٿا بندي نه ڪئي آهي، چوڻ جي لاءِ هر سياسي حڪومت پنهنجا نمبر وڌائڻ جي لاءِ اهڙا انگ اکر ڏئي سگهي ٿي ته ان فلاڻا فلاڻا  عمل ڪيا آهن پر اهو قدم جنهن سان معاشري تي اثر پوي جنهن سان اهڙي وحشت کي روڪڻ ۾ مدد ملي اهڙي عمل جي حوصله شڪني ٿئي، ان کي ئي ليکي سگهبو آهي. بدقسمتي سان اهڙو ڪو به اپاءُ ڳڻائي نه سگهبو.

سماج اهو هوندو آهي جنهن ۾ رهندڙ سمورا ماڻهون هڪ ٻئي سان ايئن ڳنڍيل هوندا آهن جيئن هڪ جسم جا سمورا عضو ا پاڻ ۾ مليل هوندا اهن، جسم جي ڪنهن به عضوي کي پهچندڙ سوُر سمورو جسم محسوس ڪندو آهي، اهڙي طرح هڪ سڌريل معاشري ۾ هر فرد جو ڏک سمورو معاشرو محسوس ڪندو آهي.

اچو ته هڪ زنده ۽ متحرڪ سماج جو ثبوت ڏيندي هن معصوم ٻار سان ٿيل نا انصافي تي اهڙو آواز اٿياريون جو اهو سموري سماج جو هڪ آواز بڻجي پوي.

اهو فرض سنڌ جي باشعور ماڻهن تي ڪجهه وڌيڪ ئي پوي ٿو، ان ڏُک، ان درد کي محسوس ڪريو ۽ ان خلاف آواز بلند ڪريو،هن معاشري جي ٻين گهڻين ئي ناانصافين جيان هي پڻ هڪ وڏي نا انصافي ئي آهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.