اڳوڻي صدر ايوب خان ۽ وزير اعظم عمران خان ۾ هڪجهڙائي!.

تحرير؛ سڪندر چنو

وزير اعظم عمران خان اڳوڻي فيلڊ مارشل ايوب خان جي حڪومت کي پنهنجي پسنديده حڪومت سمجهي ٿو. وزير اعظم عمران خان شايد ان ڳالهه کان بي خبر آهي ته جنرل ايوب جي حڪومت جو خاتمو به ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب ٿيو هيو. ان جي دؤر حڪومت ۾ دال، کنڊ، اٽو ۽ ٻيون شيون جيڪي روز مرهه جي استعمال سان تعلق رکن ٿيون مهانگيون ٿيون هيون. ساڳيو حال موجوده حڪومت جو به آهي. وزير اعظم عمران خان 2018 واري اليڪشن ۾ جيڪي عوام سان وڏا وڏا واعدا ڪري سونهري خواب ڏيکاري اعلان ڪيا هيا جن ۾ سستي بجلي، سستو گئس، سستي کنڊ، سستو اٽو ۽ سستو پيٽرول شامل هيو جا خواب ڏيکاري عوام کي جنت ۾ داخل ٿيڻ جا خواب ڏيکاريا هيا. پر اليڪشن کٽي وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ عوام کي باور ڪرايو ويو ته آءُ به ٻين سياستدانن جيان ڪوڙا دلاسا ڏئي اليڪشن کٽڻ جو ماهر ٿيڻ چاهيان ٿو. صدر ايوب جي حڪومت به مهانگائي سبب گهر ڀيڙو  ٿي.

 وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ به اهڙي ته مهانگائي ٿي وئي آهي جو عوام مهانگائيءَ جي دلدل ۾ ڦاسي پيو آهي. ۽ عوام ڪڏهن به ان مان آسانيءَ سان نڪري سک جو ساهه کڻي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن عوام ان ڌٻڻ مان نڪري به ويو ته وڌيڪ زندهه رهڻ ان غريب لاءِ هڪ خواب هوندو. ڇاڪاڻ ته عمران خان حڪومت کان اڳ غريب عوام غربت ۽ افلاس سبب خاندانن سميت خودڪشيون ڪندا هيا هاڻي ته خاندانن جا خاندان نه رڳو خودڪشيون ڪن ٿا پر معصوم ٻارڙن سميت پاڻ کي زنده کوهن ۽ ڪئنالن ۾ ٽپا ڏئي پنهنجو انت آڻين ٿا. ۽ وڻن ۾ سندن جا ۽ سندن معصوم ٻارڙن جا لاش ٽنگيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صدر ايوب ۽ عمران خان جي حالتن ۾ حيران ڪندڙ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. توڻي جو چيو وڃي ٿو ته مهانگائي پوري دنيا جو مسئلو آهي ان جو اثر پاڪستان ۾ به آهي. بلڪل درست مڃون ٿا پر ٻين ملڪن ۾ عوام کي حڪومت طرفان ڪافي سهولتون به ميسر آهن. جيڪي پاڪستان ۾ ميسر ناهن. اتي جي عوام لاءِ مفت تعليم آهي. بيروزگاري الائونس ڏنو ٿو وڃي. اهڙيون ته سهولتون مفت ۾ ميسر آهن جنهن جو پاڪستان جو حڪمران تصور به نٿو ڪري سگهي. پاڪستان ۾ ان جي مقابلي ۾ اٽي ۾ لوڻ جي برابر عوام کي سهولتون ميسر آهن. معاشي حالتن ۽ مهانگائيءَ سبب ان کان به وڌيڪ صدر ايوب خلاف محلاتي سازشين سبب صدر ايوب حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو.

ساڳيون حالتون به وزير اعظم عمران خان حڪومت ۾ اچي ظاهر ٿيون آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا عمران خان جي حڪومت به صدر ايوب جيان گهر ڀيڙو ٿيندي؟ صدر ايوب جي ڏهن سالن واري دؤر حڪومت جو ذڪر هميشه فخر سان وزيراعظم عمران خان ڪندو رهي ٿو. ايتري قدر جو رات جو خواب ۾ به صدر ايوب جي حڪومت جو ذڪر ڪرڻ ان جي روزمرهه جي عادت آهي. عمران خان ۽ ايوب خان جي حڪومت مان وڌيڪ متاثر نظر اچي ٿو. جنرل ايوب لاءِ اٽو ۽ کنڊ جو بحران سندس جي اقتدار جو زوال بڻي. ۽ مهانگائي خلاف ملڪ جي عوام صدر ايوب خلاف زواليت  پذير احتجاج ڪيو. اهي به ايوب خان جي آخري ٻن سالن جي دؤر اقتدار دوران جڏهن اٽو ارڙنهن رپيا في مڻ مان وڌي ويهه رپيا في مڻ ٿيو ته عوام ملڪ ۾ مظاهرا ڪرڻ شروع ڪيا.

 ان وقت شاعر حبيب جالب صدر ايوب حڪومت خلاف جيڪي نظم چيا انهن به عوام کي صدر ايوب خلاف ڀڙڪائڻ ۾ وڏو ڪرادار ادا ڪيو ۽ انهن نظمن عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو. صدر ايوب خلاف ملڪ ۾ کنڊ جو چور، اٽي جو چور ۽ گيهه دال جو چور جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا. ۽ ملڪ ۾ ايوب خان خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا. پر انهن تي پيٽرول هاري باهه بارڻ جو ڪم قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو. ۽ عوام کي ايوب خان خلاف ڀڙڪائڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. ۽ ايئن ايوب خان خلاف سڄي ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جلسا جلوس ڪيا ۽ عوام ۾ حڪومت خلاف جاڳرتا مهم زور شور سان شروع ڪئي ۽ الزام لڳايو ته ايوب خان حڪومت جيڪا نااهل ثابت ٿي آهي. ان حڪومت ۾ مهانگائي ۽ ناڪام پرڏيهي پاليسي ڪر کنيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي روڊن تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايوب جي دؤر اقتدار ۾ به ڊالر جي مسلسل اڏار جاري هئي. شيخ مجيب به الڳ ملڪ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ان صورت ۾ ايوب خان حڪومت پريشان ٿي وئي ۽ ملڪ ۾ هڪ وڏي تحريڪ شروع ٿي ۽ ملڪ ۾ اڻ کٽ مظاهرا شروع ٿي ويا. ان مظاهرن ۾ هڪ اسڪولي طالب علم نوجوان شهيد ٿي ويو. ملڪ ۾ اهڙو ته ماحول جڙي ويو جو نيٺ جنرل ايوب گوڏا کوڙيا ۽ پنهنجي وزارت تان استعيفا ڏئي گهر هليو ويو. ان وقت به اسٽبلشمينٽ ايوب خان جي حمايت ۽ سپورٽر هئي. پر جڏهن عوام روڊن تي نڪري آيو ته پوءِ اسٽبلشمينٽ به صدر ايوب جو ساٿ ڇڏي ڏنو. پر موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي اپوزيشن جو ڪردار فرينڊلي آهي ۽ اسٽبلشمينٽ کي گهٽ ۾ گهٽ عوام جي بهتري فلاح بهبود لاءِ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو نوٽيس وٺي وزيراعظم عمران خان کي باور ڪرايو وڃي ته ملڪ ۾ في الفور مهانگائيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڏٺو وڃي ته صدر ايوب ۽ وزيراعظم عمران خان حڪومت ۾ هڪ تعجب ڏيندڙ حيران ڪن هڪجهڙائي آهي موجوده حڪومت ۾ به مهانگائي عروج تي آهي. اٽي، کنڊ جو بحران، دال گيهه مهانگو ڊالر جي اڏار ڏينهون ڏينهن آسمان کي ڇهي رهي آهي. رپيو گهٽ ٿيندو پيو وڃي پيٽرول مهانگو. قرضن ۾ هزارن اربن جو اضافو اڄ جي اپوزيشن ۽ صدر ايوب خلاف اٿندڙ اپوزيشن جو وڏو فرق آهي.

بنگلاديش جنهن جو گذارو چانور ۽  مڇي تي هيو. ۽ پاڪستان جو عوام بنگلاديشن کي ميربحر چئي چٿرون ڪندا هئا اڄ اهو بنگلاديش پاڪستان کان تمام گهڻو آسودو ملڪ بڻجي ويو آهي. اڄ جي اپوزيشن ويڪائو بڻجي وئي آهي ۽ اپوزيشن ملڪ جي عوام کي اکين ۾ مرچ وجهي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اسين ملڪ جي عوام سان گڏ ۽ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڌڪي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهيون پر اصل ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪوڙ تي ٻڌل آهي. ۽ عوام کي اکين ۾ مرچ وجهي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. قانونسازيءَ ۾ اپوزيشن جا ووٽ ڪاڏي ويا؟ اسٽبلشمينٽ به عوام جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي سنڌ حڪومت به پنهنجي ڪاميابي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي راڳ ڳائي رهي آهي اهي به پورا نه ٿي سگهيا آهن. اٽو سنڌ ۾ مهانگو وافر مقدار ۾ ڪڻڪ سنڌ جي گدامن ۾ موجود پوءِ به اٽو اسان کي الائي جي ڪڏهن ملندو؟ جيسيتائين عوام جي سوچ تبديل نه ٿيندي تيسيتائين حڪمرانن جو رويو عوام سان ويساهه گهاتي وارو ئي رهندو. بحرالحال جيئن اسٽبلشمينٽ صدر ايوب جو ساٿ ڇڏي ڏنو بلڪل اهڙي طرح حالتن مان لڳي ٿو اسٽبلشمينٽ وزيراعظم عمران خان جو به اچانڪ ساٿ ڇڏي سگهي ٿي. ۽ اهڙا آثار نظر اچي رهيا آهن. اسان کي عمران خان جي نيت تي ڪو به شڪ نه آهي هو ملڪ جي بهتريءَ لاءِ وڌيڪ ڪوشان آهي پر ان سان گڏ ويٺل سندس کي غلط صلاح مشورا ڏئي سندس حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرائڻ چاهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.