قبرستان – قانون – حفاظت

تحرير؛مشتاق علي لنڊ

اسلام ھڪ ڪائناتي دين آهي، جنهن ۾ خالق ڪائنات ، ھن ڪائنات جي تخليق کان وٺي، آخرت تائين جي مرحلن جي واقفيت ۽ ڄاڻ عطا ڪئي آهي.

مون ڪٿي پڙھيو ھو  جنهن جو مفهوم ھي آهي ته:

”اوھان قبرن جو خيال رکو، احترام ڪيو ۽ حفاظت ڪيو، قبرن کي لتاڙڻ، نقصان پهچائڻ يا سوڙھ ڪرڻ سان قبرن ۾ اندر ابدي آرام واري کي تڪليف پھچي ٿي ۽ ايذاءَ محسوس ڪري ٿو“.

الله تعالي انسان کي اعليٰ مقام سان نوازيو آهي. لاکيڻي لطيف سرڪار اھا ساراهه ھن انداز سان ڪئي.

”اشرف المخلوقات چئي ويتر وڌايائين“ ان اعليٰ مقام رکندڙ کي اھا به ڄاڻ آهي ته ھي جھان فاني آهي تنهنڪري ھتي ايئن زندگي گذارجي جيئن سڀاڻي گذاري وڃڻو آهي ۽ سڀاڻي لاءِ ايئن پوکيو ڄڻ ھميشه اوھان کي زندھ رھڻو آهي.

اڄ جنھن جديد دور ۾ زندگي گذاري رھيا آھيون جنهن ۾ ھڪـ وڏو تعداد باشعور ماڻهن جو  آهي تنهن ۾ زندهه انسانن جو  جيئن جنجال آهي ۽ اھڙا هنياءُ ڏاريندڙ واقعا ٿين ٿا جنهن سان جيءَ جھري ٿو پوي.

سنڌ سونھاري جي تاريخ، سھپ، رواداري ۽ قدرن جي ھڪ سونھري تاريخي سان رقم ٿيل آهي، پر افسوس اڄڪلهه اھڙا واقعا ٿين ٿا جن جي تڪليف، درد ۽ پيڙاءَ کي قلم جي قرطاس تي آڻڻ لاءِ الفاظ ئي نه ٿا ملن. زنده انسان ته انساني شر جي ور چڙهي ته ڏکن سان برداشت ڪريون پر جڏهن قبرن ۾ مردن سان ڏاڍايون ۽ ڪلور ٿين ته پوءِ روئڻ سان گڏ انساني ڪنڌ شرم وچان جھڪي ٿا پون.

سن جيڪو سنڌ جي شعور جو مرڪز آهي اتي ڪيل ڪلور درد بڻجي ويا آهن ۽ ٻيو اھڙو واقعو آھي، جنهن کي لکڻ ۽ ورجاءُ ڪرڻ سان روئڻ ٿو اچي. صدمو ٿو رسي.  نه ئي وري اھڙي ھمت آهي جو اھڙي وحشتناڪ واقعي کي بيان ڪجي. اھڙن واقعن کي روڪڻ رياست جي ذميواري آهي. اختيارين کي حرڪت ۾ اچي اھڙن ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سڀ وسيلا استمعال ڪرڻ گھرجن جيئن آئنده اھڙا واقعا نه ٿي سگهن.قبرن تي قبضا معمول بڻجي چڪا آهن، اھڙن دردناڪ واقعن تي دانهن ڪرڻ کانسواءِ رھي نه ٿو سگهجي. ھن درد جي درمان لاءِ اعليٰ اختيارين کي احساس ڏياريڻ لاءِ قلم کڻڻ ۽ لکڻ ضروري ٿي ٿو پوي .

سنڌ جي قبرستانن ڏانهن بلڪل ڌيان نه پيو ڏنو وڃي ۽ انهن جي حفاظت ۽ تقدس لاءِ ڪي به جوڳا قدم ڪٿي به نه پيا کنيا وڃن بلڪه قبرستانن سان ڪلور ڪيا پيا وڃن. ھن ڏکوئيندڙ صورتحال کي ڏسي سماج جا ساڃاھ وند  ماڻهو ۽ نامور قانوندان ۽ قلم ڌڻي معزز عدالتن ڏانهن به رجوع ٿيا آهن. اسان جي معزز عدالتن به انهيَ انسانيت  جي عظمت جي لتاڙ ۽ قدرن جي کوٽ کي محسوس ڪندي فيصلا ڏنا ته قبرستانن جي تقدس کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص طور تي قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ۽ قبرستانن کي چار ديواري ڏيڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا پر اھي حڪم مڪمل عمل ۾ نه آيا. حالانڪه ھر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي بجيٽ  به آهي، اختيار به  آهي پر پوءِ به سڄي سنڌ جا اڪثر قبرستان، لتاڙ، والار ۽ بي مالڪي جو شڪار آهن ۽ وقت بوقت اھڙا واقعا رپورٽ  ٿين ٿا پر اھڙن واقعن تي عملي قدم نه پيا کنيا وڃن. اھڙي طرح سان ميونسپل ادارن ۽ اوقاف کاتي جي به فرضن ۾ شامل آهي ته اھي قبرستانن جي حرمت، عظمت ۽ حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجا سڀ وسيلا استمعال ڪن.

ڊپٽي ڪمشنر صاحب جيڪي اعليٰ تعليم يافته ۽ مقابلي جو امتحان پاس ڪري ھي منصب ماڻن ٿا، ته انھن مان اعليٰ خدمتن جي اميد ۽ آس ھجي ٿي. سندن  حدن ۾ جيڪي قبرستان آهن انهن لاءِ فزيبلٽي رپورٽون  ٺاهي چار ديواري ۽ ٻين گھرجن ۽ حفاظتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنھنجا اختيار استمعال ڪن.

ھي دنيا مڪافات عمل آهي، مون ڪنهن قبرستان ۾ ھي سٽون پڙھيون ھيون .

”اڄ جيئن  اوھان آھيو ڪالهه اسان ايئن هئاسون سڀاڻي اوھان ايئن ھوندا جيئن اڄ اسان آھيون.

انسانيت سان پيار ڪرڻ وارا، درد دل رکڻ وارا، جھڙو  زنده ماڻهن جو خيال رکندا آهن، تھڙو ئي مردن جو به خيال رکندا آهن، اھڙن ئي مڻيادار ماڻهن ۾ گھوٽڪي جو نامور صحافي ۽ سڄي عمر صحافت کي ارپيندڙ سائين سيد اختر علي شاهه بخاري صاحب  ھو، جنھن جي خدمتن ۽ ڪاوشن سان ماٿيلو (مومل جي ماڙي) واري قبرستان  کي عاليشان چار ديواري، صفائي سٿرائيءَ جو شاندار نظام سان ھم ڪنار ڪرايو .

عبدالرحيم لنڊ ھڪ سماج سڌارڪ ميرپور ماٿيلو ڏھن سالن کان ڊي سي گھوٽڪي کي درخواستون ڏيندو رھيو آهي ۽ ھڪ درخواست تي پڻ چيف سيڪريٽري کان نوٽ هڻائي آيو آهي ۽ مقامي سياسي اڳواڻن کان به درخواستن تي نوٽ هڻائڻ جي باوجود به ڪامياب نه ٿي سگھيو  پر اھي ڪوششون ضرور ڪامياب وينديون سنڌ ۾ اھڙا کوڙ املهه ڪردار جيڪي قبرستانن  جي حفاظت لاءِ جستجو ڪندا رھن ٿا.

اسان جي ھٿ وس ڪوشش ڪرڻ آهي باقي ڪرڻو ڪريم کي آهي.

ھي مضمون به نيڪ نيتي سان ڪوشش جي ھڪ ڪڙي آهي، اختيارين کي احساس ڏيارڻ آهي، پنهنجن فرضن جي ادائيگي لاءِ يادگيري ڏيڻ آهي ڪورٽ  سڳوري جي حڪمن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گھر به آهي ۽ التجا  به آهي، اھو سڀ ڪجھه ذڪر ڪيل آفيسرن جي ھٿ وس آهي جيڪي اعليٰ رينڪ جا آفيسر جنهن کي الله تعالي اختيار ڏنا آهن ۽ اھي اختيار الله جي امانت آهن تنھنڪري امين ۽ امانتدار بڻجي ان روح سان اختيارين جو استمعال ڪري.

قبرستانن تي جتي به قبضا آهن ختم ڪرايو، جتي چار ديواري جي ضرورت ھجي چارديواري ڏياري حفاظت کي يقيني بڻايو. ان مد ۾ اوھان وٽ بجيٽ به آهي اختيار به آھن گڏوگڏ ڪورٽ سڳوري جو حڪم به آھي ۽ انساني ۽ ديني تقاضا به آهي ته بنا دير جي حڪم جاري ڪري ذڪر ڪيل اسمن لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن، ھن سلسلي ۾ ڊويزنل ڪمشنر صاحبن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيڪي پنهنجي ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي پابند بڻائڻ ته ھو جتي قبرستانن تي قبضا آهن يا ٿين پيا انهن کي ختم ڪرائين. ان لاءِ اسڪيمن کي (چارديواري) کي ترجيحات ۾ رکن .

چيف سيڪريٽري  سنڌ کي به سنڌ جي ھن اھم مسئلي تي سڀني ڪمشنرن کي ھدايتون جاري ڪرڻ گھرجن ۽ منصوبابندي ڪري مڪمل حدف حاصل ڪرڻ گھرجن .

ھي نيڪي جو ڪم آهي ۽ ھميشه نيڪي جي ڪم ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي. آفيسرن سان گڏ سياسي رهنمائن کي به گذارش ٿا ڪيون ديھه، يونين ڪائونسل ۽ تعلقن تحت ٻين ترقياتي ترجيحن سان گڏ قبرستانن جي چارديواري ۽ حفاظت لاءِ قدم کڻن ۽ تاريخ جي ورقن ۾ نمايان جاءِ جوڙي الله تعاليٰ آڏو سرخرو ٿين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.