حڪومت جو پُڙ ڀاري،مخالف ڌر جا خدشا !

تحرير؛جاويد احمد چانڊيو

حڪومت مخالف ڌرجي اتحاد پي ڊي ايم کي گڏيل پارليامينٽ۽ سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت جي پيش ٿيل بلن ۾ شڪست ٿي،پي ڊي ايم موجوده عمران خان سرڪار کي گڏيل پارليامينٽ ۾ هارائڻ ۾ ناڪام وئي، مخالف ڌرحڪومت تي الزام لڳايو آهي ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي سخت دٻاءُ ۾ آڻي من پسندي ڪم ڪرايو ويو آهي،مخالف ڌرالزامن جا ثبوت نه ڏئي سگهي آهي، پي ڊي ايم جو عمران سرڪارخاتمي جو خواب به چڪنا چور ٿي ويو،عمران خان سرڪارگڏيل پرليامينٽ ۽ سينيٽ مان بل پاس ڪرائڻ سان حڪومت جي طاقت ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، حڪومت جا ڪيترائي مونجهارابه ختم ٿيا آهن، شڪست جو به حڪومت کي وڏو خوف هو،حڪومتي حامي ڌريون حڪومت تي اعتمادڪري عمران سرڪار کي وڏو حوصلو۽ طاقت بخشي آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان،پاڪستان مسلم ليگ (ق)جي ڊي اي سميت ڪجهه آزاد ڌريون عمران سرڪار تي سخت ناراض به هيون، سندن موقف هو ته عمران سرڪار وعدا پورا نه ڪيا آهن، حڪومت اتحادين کي راضي ڪرڻ به مشڪل هو،اتحادين کي راضي رکڻ به وڏو معجزوهو، پي ڊي ايم حڪومتي اتحادين سان به ڳجها رابطا ڪيا،پي ڊي ايم پوري يقين سان گڏيل پارليامينٽ ۾ فتح لاءِ پراميد هئي،پي ڊي ايم حڪومت خلاف بي اعتماد واري رٿ جوبه منصوبو جوڙي ورتوهو،ڏکيو مرحلوطئي ڪرڻ سان عمران خان سرڪارکي ڪيترن اهم معاملن ۾ وڏيون آسانيون پيدا ٿيون آهن،ان هوندي به حڪومت مخالف ڌر اتحاد پي ڊي ايم حڪومت جو رستو روڪڻ لاءِ عدالت ۾ پيٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي، حڪومت مخالف ڌر ۾ ٿيندڙ سياسي ڇڪتاڻ  ختم ٿي نه سگهي آهي،حڪومت لاءِ مخالف ڌراتحاد پي ڊي ايم جو لهجو تمام گهڻو سخت آهي،گڏيل پارليامينٽ سينيٽ اجلاس ۾ اسپيڪرسان ٿيل تلخ ڪلامي سان اسيمبلي جووقارخراب ٿيوآهي،اهڙن واقعن سان بدنامي ٿيندي آهي، فتح ۽ شڪست جمهوريت جو حصو آهي،اقتدار ۾ آڻڻ جواختيارعوام جي قيمتي ووٽ تي هوندوآهي، سهپ برداشت ڪلچر کي هٿي ڏيڻ سان عالمي سطح تي به ملڪ جو وقاربلند رهندوآهي،حڪومت ۽ مخالف ڌرجي سياسي زورآزمائي جو دور به عروج تي پهتل آهي،عوامي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ۽مخالف ڌرکي نيڪ نيت سان قرباني ڏيڻي پوندي،حڪومت بل پاس ڪرائڻ ۽اڪثريت ثابت ڪيوآهي ته حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب آهي. مخالف ڌر اتحاد کي شڪت کان پوءِ ايوان اسيمبلي پي ڊي ايم جي هلندڙ حڪومت خلاف تحريڪ جي ڪاميابي جا امڪان به ختم ٿي ويا آهن،مخالف ڌرکي مايوسي ٿي آهي، مخالف ڌرعدالتن ۾ اميد لڳائي رهي آهي ته هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهندي،پ پ ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) گهڻو وقت اقتدار ۾ رهيون آهن،1970کان ويندي هن وقت تائين ڌانڌلين جوشورڪڏهن به ختم ٿي نه سگهيوآهي،هميشه هڪ ٻئي تي الزام تراشي ٿيندي رهي آهي،ڌانڌلين کي روڪڻ ۾ پ پ ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن )مڪمل طورناڪام ويون، ،ٺپا مافيا جوڪلچرهڪ ناسورآهي، بدمعاشي، دهشت گردي،ووٽن جي خريد ۽ فروخت،اليڪشن عملي کي خريد ڪرڻ يا يرغمال بنائڻ جا واقعا حقيقي جمهوريت تي ڪارو داغ آهن، عمران سرڪار جو اليڪٽرانڪ  ووٽنگ جو عمل بهترين قدم آهي ،دنيا جي 31 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جوعمل ٿي چڪوآهي، جيڪوڪامياب رهيو،ڌانڌلين کان پاڪ صاف شفاف ڪامياب تجربو رهيو آهي،دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ جهڙوڪ ڀارت، آسٽريليا، فرانس، آمريڪا، جرمني، اٽلي، جنوبي ڪوريا،  ميڪسيڪو، اسپين، بنگلاديش، ڀوٽان، ايران، نيوزلينڊ، فن ليڊ، نائجيريا، بيلجيم، عراق، ناروي، برطانيا، برازيل، سوئيزلينڊ، ايسٽونيا، متحده عرب امارت، سميت ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ٿي ،اتي ڌانڌلين جي دانهن ختم ٿي وئي آهي، ملڪ جي نالي واري قانون دان، پ پ اڳواڻ چوڌري اعتراز حسن جو چوڻ آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ جوعمل ٺپا مافيا جي شڪست آهي،ڌانڌلين کي روڪڻ لاءِ بهترين صاف پاڪ رستواليڪٽرانڪ ووٽنگ آهي.

 موجوده عمران خان سرڪار کي ايوان اندرمختلف بل پاس ڪرائڻ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿئي آهي،مخالف ڌر حڪومت کي شڪست ڏيڻ لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪرڻ باوجود ناڪام رهي. پي ڊي ايم اتحاد جنهن ۾ سياسي، مذهبي، ڪجهه قومپرست جماعتون به شامل آهن،پاڪستان مسلم ليگ( ن) جو صدر ميان شهبازشريف،ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري،پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان موجوده عمران خان سرڪارکي شڪست ڏيڻ لاءِ عوامي تحريڪن کان ويندي گڏيل پارليامينٽ تائين اڻ کٽ ڪوششون ڪيون پر ناڪام رهيا،گڏيل اتحاد جي باوجود سموريون محنتون ضايع ٿي ويون،سچ اهو به آهي ته پي ڊي ايم حڪومت کي ايوان اندر بلن جي معاملي ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ پر اميد هئي، حڪومت جي هار تي مٺاين جا ٽوڪرا به تيارڪري ورتا هئا،سنڌي ۾ چوڻي وانگر سو ڌڪ سونارجا هڪ ڌڪ لوهارجو. موجوده عمران سرڪارمخالف ڌرکي سياسي طرح سوڙهوضرورڪيوآهي،عمران خان سرڪار خطرناڪ بحران سان به مقابلو ڪري رهي آهي، مهانگائي، بي روزگاري،ڪرپشن،عوام جا بنيادي مسئلا، رانا شميم جا الزام، بيروني خارجا پاليسي،گڏيل مخالف ڌرين جي هلندڙتحريڪ سميت اڻ کٽ مسئلا حڪومت لاءِ وڏو ڏچو بڻيل آهن،

 حڪومت جي پاس ڪرايل 33بلن ۾ اليڪٽرانڪ  ووٽنگ، سمنڊ پارپاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ٿي ويوآهي، پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اڪثريت حڪومتي بل پاس ٿيڻ تي خوش آهن، سابق جسٽس( ر)رانا شميم جا الزام حقيت يا حڪومت خلاف سازش آهي  ؟جسٽس( ر)رانا شميم گگلت بلستان جي ايپليٽ ڪورٽ جج رهي چڪو آهي،ابتدائي طور وڪيل، هجڻ سان گڏ پاڪستان مسلم ليگ (ن)جي سينئر ورڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو، پاڪستان مسلم ليگ (ن)لائرزونگ جو نائب صدرجي عهدي تي به رهيو آهي، چيف جسٽس جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيڻ کان شريف خاندان سان رابطي ۾ آهي،نيويارڪ ۾ شريف خاندان سان ملاقات کان پوءِ لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف سان ملاقاتون ٿيون،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اڳوڻو جسٽس رانا شميم ڊگهوعرصو خاموش ڇو رهيو؟رانا شميم کي ڪورٽ جا نوٽيس ملي چڪا آهن،معاملو ڪنهن نتيجي تي پهچڻو آهي، ماضي ۾ به ميان محمد نوازشريف جي دور ۾ عدالتن خلاف سازشون ٿينديون رهيون،عدالتن تي حملا به ٿيندارهيا،گلوبٽ جهڙاڪردارنوازليگ جي پيداوارآهن ، پ پ ڪرپشن ۾ گهڻو بدنام آهي،عزيربلوچ،نثار مورائي، ماڊل ايان سميت بيشمارڪردارآهن،انهن ڪنهن لاءِ ٿي ڪم ڪيا،اهو هرماڻهون چڱي طرح ڄاڻي ٿو، اندازي مطابق هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني شهري ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا جيڪي هاڻي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا، ڏکيو وقت ضرور آهي،حالات بهتري جي طرف به ضرورايندا،وقت هميشه هڪ جهڙو نه هوندوآهي،مختلف آيل سخت بحران عوامي مسئلا بي شمارآهن،انهن جو حل تلاش ڪرڻ سڀني جي قومي ذميواري آهي،عمران خان سرڪار لاءِ وڏو امتحان آهن ،مخالف ڌر۽حڪومت کي عوام جي مفادن خاطرعملي قرباني ڏيڻي پوندي، سياست کي عوامي خدمت ۾ بدلائڻ تبديلي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.