نئون ديرو شگر مل ڪمند وٺڻ بند ڪري ڇڏيو، آبادگارن ۾ ڪاوڙ جي لهر

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) نئون ديرو شگر مل انتظاميا مل خراب ھئڻ جو جواز ڄاڻائي آبادگارن کان ڪمند وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب سجاول جوڻيجو تعلقي جي آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيڻ لڳو ان سلسلي ۾ سجاول جوڻيجو تعلقي جي آبادگار اڳواڻن غلام محمد ڀٽو پرويز ديناري غلام کوکر ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو تـ نئون ديروشگر مل انتظاميا جي جنرل مئنيجر حمز علي چاڪراڻي اڪائونٽنٽ محمد حسن جاگيراڻي جي ملي ڀڳت ۽ نااھليء سبب آبادگارن کي وڏي نقصان کي منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي ھنن چيو تـ مل انتظاميا مل خراب ھئڻ جو ٻڌائي گذريل 12 ڏينھن کان ڪمند وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تـ اڳ وڍايل ڪمند اسان جو ھاڻي سڪي سڙي رھيو آھي جنھن جي ڪري ڪمند سوس کائڻ سبب پنھنجو وزن گھٽائي ڇڏيو آھي جنھن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پئجي رھيو آھي مگر 12 ڏينھن گذرڻ باوجود مل انتظاميا ھن وقت تائين ڪمند خريد ناھي ڪري رھي ھنن چيو تـ ھڪ ڪمند جو اگھ گھٽ ڏنو پيو وڃي ٻيو وري مل انتظاميا آبادگارن سان زيادتيون ڪري رھي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.