ميرپور خاص اينٽي سرڪل آفيسر تي رشوت جا الزام، معطل

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص پاران ميرپورخاص جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿيڻ جي شڪايتن تي ڪروڙين روپين جا فنڊ ۽ مشينريون رکندڙ کاتن ۽ ڪروڙين روپين جي ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽير استعمال ٿيڻ، من پسند ماڻهن کي غيرقانوني طور ٺيڪا ڏيڻ جي الزامن تحت ڪارويون ڪندي آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪرپش جي جانچ لاءِ رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ بعد جانچ شروع ڪرڻ تي ذريعن موجب بااثر ڪامورن اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر ميرپورخاص منظور ميمڻ تي رشوت طلب ڪرڻ جا مبينا الزام لڳائي معطل ڪرائي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب مختلف کاتن ۾ ڇاپا هڻي رڪارڊ تعويل ۾وٺڻ بعد ڪامورن کان رشوت طلب ڪرڻ وارن الزامن بعد چيئرمين انڪوائريس اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ معطل ڪندي سندس خلار جاچ  شروع ڪري ڏني آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص ۾ بطور سرڪل آفيسر مقرر ٿيڻ بعد کيس وڏي پئماني تي شڪايتون ملڻ تي قانون موجب ڪرپشن خلاف جھاد شروع ڪندي مختلف آفيسن ۾ ترقياتي ڪمن ۽ سرڪاري فندن ۾ گھوٻين لاءِ ڇاپا هنيا، ڪجھه بااثر پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ مون مٿان ڪوڙا الزم هڻي جانچ کي روڪرائڻ چاهين ٿا ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته سندن رڪارڊ جي جانچ ڪرڻ سان وڏا ڦاٽ ڦاٽندا ،جيڪڏهن الزام هڻندڙ منهنجي خلاف ٽبوٿ پيش نه ڪيا ته  آءُ الزام هڻندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪندس ۽ ڪرپشن خلاف پنهنجو جھاد جاري رکندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.