نوازشريف کي سزا ڏيڻ لاءِ آڊيو ڪلپ وائرل،ثاقب نثار جي ترديد

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينه آڊيو ٽيپ سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن چيو ته عمران خان جي جڳهه بڻائڻ لاءِ نوازشريف کي سزا ڏيڻي پوندي، مريم نواز کي به سزا ڏيڻي پوندي، جيتوڻيڪ مريم نواز تي ڪو ڪيس ناهي، هوڏانهن ثاقب نثار جيو نيوز سان ڳالهائيندي آڊيوٽيپ جي ترديد ڪري ڇڏي، هن چيو ته مون سان منسوب آڊيوٽيپ فيبريڪيٽڊ آهي،ان ۾ آواز منهنجو ناهي، اها جعلي آڊيو  ٽيپ آهي، ڪڏهن ڪنهن کي ان حوالي سان هدايتون ناهن ڏنيون، هن چيو ته سوچي رهيو آهيان ته ڪهڙو قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي،مارڪيٽ ۾ ان طرح جون شيون منهنجي خلاف آنديون پيون وڃن، مون به آڊيو ڪلپ ٻڌي آهي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪلپ جعلي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.