هرنائي ۾ فائرنگ، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 3 افغاني مارجي ويا

هرنائي( م ڊ)  هرنائي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾  ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 3 افغاني مارجي ويا. هرنائي جي علائقي شاهرنگ ڪول فيلڊ ۾ هٿياربندن کاڻ ۾ ڪم ڪندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويل ٽن ڄڻن جو افغانستان سان تعلق آهي. انتظاميا لاش اسپتال منتقل ڪيا. 03

  • والاريل ڪشمير جي مسجدن مان به آزادي جا نعرا گونجڻ لڳا

سرينگر ( م ڊ)  والاريل ڪشمير جي مسجدن مان به آزادي جا نعرا گونجڻ لڳا آهن، ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان نعريبازي جي وڊيو پکڙجي وئي آهي. وڊيو ۾ ڀارت جي قبضي خلاف ڪشمير جي آزادي لاءِ نعرا لڳايا پيا وڃن . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.