ٻٻر لوءِ ۾ ڪانها ڪمار جي دردناڪ قتل تي سوڳ، خيرپور ۾ ريلي

خيرپور (س ر+ڊ ر)  خيرپورڀرسان  ٻٻرلوءِ ۾ جنسي زيادتين بعد بي دردي سان قتل ڪيل معصوم نينگر ڪانها ڪمار جي قاتلن کي سري عام ڦاھي ڏيارڻ جي لاءِ پ پ مينارٽي ونگ ضلع خيرپور طرفان جھنڊا کڻي پريس ڪلب خيرپور اڳيان پيپلزپارٽي ونگ ضلعي خيرپور جي صدر ريوومل،فتح حنه، اجي ڪمار، ۽ احتجاج مظاھرو ڪيو ھنن چيو معصوم کي حوس جو نشانو بڻائي ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ جيڪو وڏو ظلم آهي ھنن چيو ته اھڙي ڏوھن کي روڪڻ جي لاءِ جوابدارن کي سري عام ڦاھي ڏني وڃي ، ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ کجور اناج منڊي خيرپور جي واپاري لالا ڪليم الله سيال چيو آھي ته ٻٻرلوء ۾ هندو نينگر ڪانا ڪمار کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي تي انسانيت جو سر شرم کان جهڪي ويو آھي انجمن تاجران خيرپور جي صدر عاشق حسين عباسي چيو ته  هو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون مطابق سزا ڏياري  وڃي،

 

  • نفيسا شاهه ڪانها ڪمار جي تڏي تي پهتي

    پيرجوڳوٺ (ن ع آ) خيرپور لڳ ٻٻرلوءِ جي دونهين محلا ۾ وحشي جوابدارن هٿان اجتماعي بدفعلي ڪري وحشياڻي نموني قتل ڪيل معصوم شاگرد ڪانها ڪمار جي تڏي تي پ پ ايم اين اي سيده نفيسه شاھ جيلاني پهچي وارثن سان ڏک ونڊيو. جڏهن ته واقعي سبب معصوم ڪانها ڪمار جي گهر ۾ روڄ راڙي ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال برقرار آهي. جڏهن ته ٻٻرلوءِپوليس معصوم ڪانها ڪمار جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٻن جوابدار مدثر مڱڻهار ۽ انعام علي شاھ کي اڄ  سومر ڏينهن خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي

     

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.