ڪراچي ۾ ڊينگي سبب 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (م ڊ)  سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڊينگي متاثرن جو تعلق سينٽرل ضلعي، ڪورنگي ضلعي ۽ ملير ضلعي سان آهي. صحت کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ ڊينگي جي جنگ جاري، 6 ڄڻا فوت ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي، ڪراچي ۾ 48، حيدرآباد ۾ 16 ۽ عمرڪوٽ ۾ 9 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي، ٿر پارڪر ۾ 3 ۽ مٽياري ۾ 2 ڄڻا ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن. ٻئي طرف پنجاب ۾ ڊينگي مڇر جي حملي سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جو تعلق لاهور ۽ شيخوپوره سان آهي. صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 269 ڄڻا ڊينگي جو شڪار ٿي ويا، جن مان اڪثريت جو تعلق لاهور سان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.