ناظم جوکيو، ڪانها ڪمار جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي: اي جي پي

حيدرآباد(پ ر) عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ڪرم حسين وساڻ جي صدارت هيٺ مرڪزي آفيس علمدار چوڪ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ خادم ٽالپر، نورنبي، ڊاڪٽر اسلم، وشنومل، سيد لال شاهه، قربان پنهور، ڪليم ملڪ، حسين بخش ناريجو، ڊاڪٽر ظفر قادري، لال محمد چانڊيو، محمد خان آريسر، شهزادي ڀرڳڙي، نورجهان بلوچ، وجدان سيال، نظير بانو لاشاري سميت 50 کان وڌيڪ اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شهيد ناظم جوکيو، شهيد فهميده سيال، ميمونا سومرو، عيني بلوچ ۽ معصوم ڪانها ڪمار جي قتل تي هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪندي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ گهر ڪئي وئي ته قاتلن کي فورن گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. پوليس جو قاتلن جي سرپرستي وارو رويو پڻ افسوسناڪ آهي سنڌ سرڪار پوليس سميت سمورن ادارن کي وڏيرن جي ڪنٽرول ۾ ڏئي آئين، قانون ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي اجلاس ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جي لاءِ تفصيلي غورويچار ڪيو ويو. ۽ فيصلو ڪيو ويو ته 12 ڊسمبر 2021 تي حيدرآباد ۾ پارٽي جو ڪائونسل سيشن ڪوٺايو ويندو. جنهن کان اڳ ۾ سمورن ضلعن جون اليڪشنون ڪرايون وينديون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.