سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهيون: نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون جنهن لاءِ پهريان بلدياتي قانون ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ترميم ڪئي ويندي. ايم ڪيو ايم آدمشماري ۾ سنڌ کي گهٽ ظاهر ڪرڻ واري معاملي تي واضع موقف اختيار نه ڪري سنڌ سان بي وفائي ۽ غداري ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ اڳوڻي يوسي وائيس چيئرمين مولابخش چنڊ پاران پارٽي جي يوم تاسيس واري ڪوٺايل تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم آدمشماري واري معاملي تي سنڌ جي خدشن تي ساٿ ڏيڻ بجاءِ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏئي سوديبازي ڪئي آهي. هن چيو ته آدمشماري ۾ جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي آبادي گهٽ ظاهر ٿيل هوندي ته ان صوبي کي اين ايف سي ۾ پڻ گهٽ حصو ڏنو ويندو آهي ان لاءِ آدمشماري دوران سنڌ جي آبادي کي گهٽ ظاهر ڪري سنڌ کي اين ايف سي ۾ پنهنجي جائز حصي کان محروم رکڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ناظم جوکيو جي وارثن سان انصاف ٿيندو ڇاڪاڻ سندس قتل ڪيس ۾ ايم پي اي پڻ جيل ۾ آهي ۽ هاڻي عدالت فيصلو ڪندي. هن چيو ته غيرملڪين کي شڪار لاءِ خصوصي اجازت نامه وٺڻا هوندا آهن ۽ انهن اجازت نامن کان بغير پکين جو شڪار پڻ غيرقانوني آهي ائين سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.