رڳو سوشل ميڊيا ذريعي جاگيرداراڻو نظام ختم نٿو ٿي سگهي: بخشل ٿلهو

شھدادڪوٽ ( ثمر رفيق ڀٽي)  شھدادڪوٽ ۾ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم جي ميزباني هيٺ "سياسي ۽ معاشي صورتحال”تي ليڪچر ڏيندي عوامي ورڪرز پارٽي جي صوبائي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته حڪمران سياست ڪنھن ڏانهن به جوابدار نه رهي آهي، عوامي سياست ئي عوام ڏانهن ذميوار ھجي ٿي،ھي دور معاشي پستي، عالمي بحرانن ۽ انتھا پسندي جو آهي، حڪمرانن مان مايوس ٿيڻ ضروري آهي تڏهن ئي نوان دڳ نڪرندا، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کسجڻ کانپوءِ ملڪ جي خودمختياري به باقي نه رهي آهي، ھن چيو ته سنڌ سياسي طور شعور وند آهي پر رڳو سوشل ميڊيا ذريعي جاگيرداراڻو نظام نه ٿو ختم ٿي سگهي. ان جو واحد حل زرعي سڌارن ۾ آهي. هن چيو ته انقلابي جدوجهد ڊگهو عرصو ھلڻي آهي جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي وڏڙن کان مليل مشعل ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻي آهي،ھن چيو ته بحريا ۽ ٿرڪول جي صورت ۾ ترقي ممڪن نه آهي. ھتي شھر ڪاري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اعزازي مھمان سينگار نوناري چيو ته جڏهن مان جبري گمشده ھيس تڏهن شھدادڪوٽ   جي انقلابي عورتن ۽ ساٿين ڀرپور آواز اٿاريو. اسان ھڪ ٻئي کي گڏائڻ واري جرئت سان انتھا پسندي ۾ ڏار وجهڻ لاءِ وڌنداسين. اُن ۾ ئي سماج جي بھتري ۽ بچاءُ ممڪن آهي. نامياري سماجي اڳواڻ وھاب پندراڻي چيو ته ملڪ ترقي پسند سياست سان ئي ھلي سگهندو، ھتي انتھا پسندي لاءِ جاءِ نه آهي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪنهن کي وٿي رکڻ گهرجي. سختيون ۽ ٽارچر سيل روشن خيالي ۽ ترقي پسندي ۾ رڪاوٽون نه ٿا بڻجي سگهن. اسان متحد ٿي مُلن جو مقابلو ڪنداسين. ليڪچر پروگرام ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت شھر جي مختلف سياسي،سماجي اڳواڻن صوفي عبدالخالق بلوچ،ڪامريڊ عرس سيلرو،روبينا چانڊيو،شانل کوسو،فضل حيدري،شمس ابڙو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.