عورتون ته ٺهيو مرد به ٿاڻي تي ويندي ڊڄن ٿا: نزهت شيرين

ڪراچي(رپوٽ:صادق سومرو) سنڌ ۾ عورتن جي تڪڙي انصاف تائين رسائي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ سماجي تنظيم پاران عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي جي آفيس ۾ وومين پوليس اهلڪارن ۽ ٻين کاتن جي اسٽاف جي تربيت ڪرائي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وومين ڪميشن جي چيئرپرسن نزهت شيرين چيو ته عورتن کي ته ٺهيو پر مردن کي به ٿاڻن تي ويندي ئي خوف ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هتي جو ماحول ئي اهڙو بڻايو ويو آهي، وومين ڪميشن پاران مختلف علائقن ۾ ان قسم جي هيلپ لائين ۽ ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن عورتون پنهنجا مسئلا آساني سان ڪنهن عورت آفيسر کي ٻڌائين، انهي لاءِ پوليس ۾ عورتن جي خاص تربيت ڪرائي پئي وڃـي، مهناز رحمان چيو ته هن ٽريننگ جو مقصد عورت اهلڪارن کي قانونن ۽ متاثر عورتن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي، جيئن  اهو عورتون ئي ٻئي عورت جي مدد ڪري سگهن، ملڪه خان چيو ته اسان ڪراچي ۾ تشدد سميت هر ظلم جي شڪار عورت کي فوري طور مدد ڏيڻ ۽ سندن مدد لاءِ لاڳاپيل ادارن جي تريبت ڪرائي رهيا آهيون، جيئن عورتن کي مدد وقت اهي اهلڪار مدد ڪري سگهن، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ فريده چيو ته عورت پنهنجي پريشاني ڪنهن کي ٻڌائيندي به لنوائيندي آهي، ڪراچي ۾ هن وقت رڳو 3 وومين ٿاڻا آهن، جڏهن ته عورتون ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي آهن، انهن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت ڪردار ادا ڪندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.