ٽنڊوآدم: نينگري سان اغوا بعد زيادتي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مٺو کوسو مان 22 ڏينهن اڳ 13 سالن جي نينگري ممتا ڌيءَ ويرو ڀيل کي اغوا ڪري ساڻس زيادتي ڪرڻ ۾ ملوٿ جوابدارن تي پوليس پاران ڪيس داخل ڪري کين گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن نينگريءَ جي پيءُ ويرو ڀيل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي متاثر نينگري جي پيءُ ويرو ڀيل دانهيو ته جوابدار روشن ڀيل پنهنجن ساٿين حليم ، بابو، روپو ۽ درگيو ڀيل سان گڏجي گهروارن کي نشو ڏيئي منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪيو ۽ چئن ڏينهن تائين کيس جنسي حوس جو نشانو بڻايو اسان پوليس وٽ دانهيو پر ڪوبه داد فرياد نه ٿيو جنهن بعد اسان عدالت جو در کڙڪايو ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ٽنڊوآدم جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.