شڪارپور ۾سواري کڻڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

شڪارپور ( ڊ ر ) شڪارپور جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد جيڪب آباد شڪارپور جي باءِ پاس وٽ سنجراڻي برادري جي ٻن رڪشا ڊرائيورن +جي وچ ۾ ڪوچ کان لهندڙ مسافرن جي سواري کڻڻ تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لتن ۽ مڪن جو استعمال ڪيو ويو بعد ۾ هڪ رڪشي ۾ پيل لوهي اسڪرو پانو ڪڍي نوجوان رڪشا ڊرائيور محمد محسن ولد امام الدين سنجراڻي کي واهي ڪڍيو، جنهن تي نوجوان محمد محسن سنجراڻي موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو ۽ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هوڏانهن ڄاڻايل ٿاڻي جي پوليس واقعي هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال کڻائي آيا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيئن ئي مقتول نوجوان جو لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف نيوفوجداري ٿاڻي تي فريادي محمد قاسم ولد الاهي بخش سنجراڻي پنهنجي ڀاڻيجي مقتول محمد محسن ولد امام الدين سنجراڻيءَ جو سنجراڻي برادريءَ جي ٻن  جوابدار ڀائرن اياز ۽ اسلم پٽ غلام حسين سنجراڻيءَ اصل ويٺل ڳوٺ جاڳڻ ۽ حال ٺاروپور محلا شڪارپور جن خلاف قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.