ڪراچي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، 624 جوابدارگرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف جاري مهم دوران گذريل هڪ هفتي دوران 624 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار شھرين کان ڦر لٽ ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث آهن، جوابدارن کان مختلف وارداتن ۾ استعمال ٿيل 93 کان وڌيڪ غير قانوني هٿيار ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون آهن، ڪراچي ۾ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڦورن ۽ پوليس ۾ 3 مقابلا ٿيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، مارجي ويل ڦورن کان  3 پستول، ميگزين ۽ هڪ رائيفل ھٿ ڪئي وئي جنهن جي فارينزڪ ڪرائي وئي، جڏهن ته اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ڪراچي شهر جي مختلف علائقن مان ڪار موٽرسائيڪل لفٽنگ ۾ ملوث گينگ جي 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن کان 3 گاڏيون ۽ 11 موٽرسائيڪلون ھٿ ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.