سنڌي انتهاپسند ناهن جو رياست سندن آڏو هٿيار ڦٽا ڪري: اياز لطيف

لاهور ( م ڊ) قومي عوامي تحريڪ جي سرباهه اياز لطيف پليجو عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي هاڻ انڊيا ايڪٽ واري حيثيت به ناهي. هن چيو ته اسان برطانوي فوج جا سپاهي ناهيون، جو اسان کي رعايتون ۽ جاگيرون ملن.  اسان انتهاپسند ناهيون جو رستا بند ڪيون ۽ رياست اسان آڏو هٿيار ڦٽا ڪري . اسان ڪراچي جا رستا بند ڪندڙ به ناهيون جو نيٽو وارن جا جهاز  نه گذري سگهن ۽ اسان سان ڳالهيون ٿيون. اسان ذوالفقار ڀٽو کي ڏئي سگهون ٿا جن کي ڦاهي چاڙهيو ويو، رسول بخش پليجو کي ڪوٽ لکت لاهور جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو، جي ايم سيد کي غدار قرار ڏنو ويو، شيخ اياز کي ساهيوال جيل ۾ قيد ڪيو ويو. حيدربخش جتوئي کي قيد ڪيو ويو.  هن چيو ته بحريا ٽائون ۾ فوج جي ميجرن ۽ برگيڊيئرن سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ ڳوٺ مسمار ڪري ڇڏيا، مشرف جو عدليه تي قبضو ناڪام ڪندڙ جسٽس ڀڳوانداس، جسٽس مختيار جوڻيجو، جسٽس سجاد شاهه جو  عدليه ۾ ذڪر ئي ناهي. اسلام آباد جا حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان پيا لڳائن. پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره لاهور ۾ عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب دوران چيو آهي ته سياست ۾ مذهب جي نالي تي احتساب نه ٿيندو آهي، اسان وٽ مسئلو آهي ته ادارا ڪم نٿا ڪن .ھن چيو ته ڪنهن کان مطالبو ڪريون ته احتساب بهتر ڪندي عدل ۽ انصاف ڪن، 03

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.