سرجاڻي ٽائون ۾ پلاٽن تي قبضا، اڳوڻو ايس ايس پي گرفتار

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ پلاٽن تي قبضاخوري جي الزام ۾ رٽائر ايس ايس پي ذاڪر حسين پيپراڻي کي گرفتار ڪري پوليس ڪسٽڊي ڪيو ويو آهي، پوليس موجب رٽائرڊ ايس ايس پي ذاڪر حسين پيپراڻي پنهنجي طاقت ۽ لينڊگريبر جي تعاون سان سرجاني ٽائون ۾ آباد زمينن تي قبضا ڪري رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو آهي رٽائرڊ ايس ايس پي ذاڪر حسين پيپراڻي گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس پير ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، رٽائرڊ ايس ايس پي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ سرجاني ٽائون تي پوليس جي وڏي انگ ۾ نفري مقرر ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته رٽائرڊ ايس ايس پي پوليس جي  ناجائز اختيارين جو استعمال ڪري ايس ايڇ او مٿان معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ پڻ وجهي رهيو هو، کيس ڳري رقم جي پڻ آڇ ڪئي وئي، ايس ايڇ او پاران مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.