نواز شريف جي خطاب بابت ججن کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي: احسن ڀون

لاهور( م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته ججن کي نواز شريف جي خطاب جي خبر نه هئي، نه ئي نواز شريف جي خطاب بابت ججن کي ٻڌائڻ جي ضرورت هئي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسن ڀون چيو ته عاصمه جهانگير ڪانفرنس جا 20، 25 سيشن هئا، هر سيشن جو موضوع ڌار هو. هن چيو ته افغان اشو تي فواد چوڌري خاص مهمان هو، جيڪو نه آيو. هن چيو ته سرڪار جي موقف جو احترام آهي، اسان جو به پنهنجو موقف آهي. هن چيو ته اوهان ڏٺو ته هن هال جون سموريون تارون ڪاٽيون ويون آهن. اڄ جمهوري حڪومت  آهي، ائين ته آمريت ۾ به  نه ٿيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.