آئيني ڀتيون اورانگهيندڙ غدار آهن، سول حڪمراني لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو: نوازشريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته اسان جو آئين واضح چوي ٿو ته هن ملڪ ۾ مقدس اهو ئي آهي جيڪو آئين جي پاسداري ڪري ۽ آئين جون ڀتيون اورانگهيندڙ مقدس نه آئين جا ڏوهاري آهن، ملڪ ۽ آئين ۽ جو غدار آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي اصلاح نه ڪئي ته اسان جو مستقبل گهڻو اونداهو ٿي سگهي ٿو، لاهور ۾ جاري عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي آن لائين خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته عاصمه جهانگير سڄي ڄمار عدل انصاف ۽ حق سچ جي جنگ وڙهندي رهي، اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هوءَ بناخوف سچ چوندڙ بهادر عورت هئي، هن وڪيل برادري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، عدليه جي آزادي جي جدوجده هجي يا اظهار راءِ جي آزادي خطري ۾ هجي، وڪيل برادري هر اول جٿو بڻجي ميدان ۾ موجود رهي آهي، هن چيو ته قوم ۾ گهري ٿيندڙ مايوسي ۽ بيوسي هن وقت سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ پهلو آهي، اڄ 74 سالن کانپوءِ قوم ٻيهر سوال اٿاري رهي اهي ۽ اڄ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي اهي جواب گهربل آهن، جيڪڏهن عوام کي انهن جي بنيادي سوالن جا جواب نه ملندا ته مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته  جيڪڏهن سوال ڪندڙن جي زبان ڇڪي ويندي ته ان سان ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا، اڄ به تارون وغيره ڪٽي زبان ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڇا سوال ڪندڙن کي اٿارڻ ۽ غائب ڪرڻ سان سوال ختم ٿي ويندا، هن چيو ته موجوده دور اظهار راءِ جي آزادي ۽ انساني حقن جي حوالي سان ڪارو ترين دور ثابت ٿيو آهي، سياسي مخالفن، سياسي ڪالم نگار يا سچ ڳالهائيندڙ ڪو به آواز هجي ته ان کي پنهنجي سوال جي ڏوهه ۾ غائب يا قيد ڪيو ويندو آهي، گوليون هنيون وينديون آهن، پروگرام يا ڪالم جي اشاعت بند ٿي ويندي آهي يا پوءِ نوڪري مان ڪڍيو ويندو آهي، هن چيو ته هتي آئين ٽٽندا آهن، قانون هتي ٽٽندا آهن، عدالتون هتي ٽٽنديون آهن، من پسند ججن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا هتي ورتا ويندا آهن، آمرن کي قانوني حيثيت هتي ملندي آهي ۽ رياست مٿان رياست هتي هلائي ويندي آهي، هن چيو ته هتي سياسي انجنيئرنگ جون فيڪٽريون لڳايون وينديون آهن، ووٽ کي هتي عزت نٿي ملي، آرٽي ايس هتي بند ٿي ويندو آهي، ووٽ چوري ٿيندو آهي، چونڊيل حڪومتن خلاف ڌرڻا به هنيا ويندا آهن ۽ هڻايا ويندا آهن، پارليامينٽ جي خودمختياري جو حال اهو آهي ته ڪجه منٽن ۾ درجنين قانون بلڊوز ڪيا ويندا آهن، هن چيو ته اهي سبب اسان جي زوال جو سبب بڻيا آهن ۽ پوءِ چيو ويندو آهي ته دنيا اسان تي پابنديون ڇو لڳائيندي آهي، ڪٽهڙي ۾ ڇو بيهاريندي آهي، دنيا ۾ اسان جي ڪردار تي سوال ڇو اٿاريا ويندا آهن، سياستدان يا ميڊيا نه بلڪه اڄ جج به سچ ڳالهائي ته نوڪري تان هٿ ڌوئڻا پوند آهن، هن چيو ته اخبارن ۾ هيڊنگون شايع ٿي رهيون آهن ته ڪيئن اعليٰ عدليه جو جج ٽيليفون ڪال ذريعي سزائون ڏيارڻ ۽ پوءِ ضمانت نه ڏيڻ جا حڪم صادر ڪري ٿو، جيڪڏهن انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصف ئي ناانصافي ڪندا ته پوءِ معاشرو ۽ ملڪ ڇو نه تباهه ۽ برباد ٿيندا، هن چيو ته ڇا انصاف جي ڪرسي تي ويهندڙن کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته پاڪستان جي عدليه عالمي انصاف جي انڊيڪس ۾ ڪٿي بيٺل آهي،ڇا اسان مارشلا کي قانوني حيثيت ناهي ڏني، ڇا اسان فوجي آمرن کي پارليامينٽ ٽوڙڻ کانپوءِ ان کي ڪڏهن بحال ڪيو، ان کان وڏي بدنصيبي ڇا هوندي ته هن ملڪ ۾ آمرن سرعام اهو به چئي ڇڏيو ته آئين ڪاغذ جو هڪ ٽڪڙو آهي جنهن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو وڃي،هن چيو ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪري ڪٿان نه ڪٿان شروعات ڪرڻي پوندي، هاڻي اهو پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جو معاملو آهي، آئين سان وفاداري ئي اسان جي مسئلن جو حل آهي، ان لاءِ وڪيل برادري، دانشور، جمهوريت پسند، ميڊيا، سول سوسائٽي، انساني حقن جون تنظيمون پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، هن چيو ته هي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جو حق آهي ته ان کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي مان ڇوٽڪارو ملي، ان کي صحت، انصاف ۽ تعليم جا بنيادي حق ميسر اچن، اهي ڪنهن خيرات يا احسان جي صورت ۾ نه بلڪه پنهنجي حق طور ملن، هن چيو ته انهي ڪري مون بار بار چيو ته اسان کي پنهنجي گهر کي درست ڪرڻ گهرجي، پنهنجيون اکيون کولڻ گهرجن، اسان جي خلاف ڊان ليڪس جو ڊرامو رچايو ويو، ڪوڙا ڪيس ڪري سزائون ڏياريون ويون، هاڻي اسان کي پاڪستان،آئين،قانون ۽ جمهوريت جي حڪمراني جي خاطر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو، هڪ قومي ايجنڊا بڻائڻي پوندي ۽ ان کي قومي تحريڪ جي شڪل ڏيڻي پوندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.