سنڌ ۾ سرداري نظام مڙهيل آهي: عبدالقادر رانٽو

ٺٽو(ڊ ر) عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جو ورڪر ڪنوينشن اجلاس عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر گهنور خان زنئور جي صدارت ۾ لاشاري هائوس مڪلي تي ٿي گذريو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر ڏاڏا عبدالقادر رانٽو خصوصي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ،تنظيمي صورتحال ،برادر محاذن ،جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ چئو طرف گهيري ۾ آهي ،سنڌ ۾ سرداري ،جاگيرداري نظام مڙهيل جيڪي سرڪار جي سرپرستي ۾ جن مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا تازو مثال ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال آهن ،بدامني لاقانونيت ،قبائلي تڪرار ،وڏيرن ۽ سردارن جا هٿرادو پيدا ڪيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.