وياج شرح ۾ واڌ رد، صنعتن کي گئس بند ٿي وئي : شهبازشريف

لاهور(م ڊ)مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف  وياج شرح ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته پاڪستان تي وڌيڪ 400 ارب وياج جي ادائگي مڙهي وئي آهي، حڪومتي خرچ گهٽائڻا پوندا، درآمد گهٽ ڪرڻي پوندي، مهانگي اگهه تي گئس ملندي ته برآمد ڪيئن وڌندي،برآمد ڪندڙ صنعتن کي گئس نه پئي ملي هن چيو ته هي انڌي حڪومت جو هڪ ٻيو انڌانڌ تباهه ڪندڙ قدم آهي، نجي صنعتن تي هڪ وڌيڪ حملو ڪيو ويو آهي، حڪومت رپئي جو ڪرندڙ قدر روڪي، عوام جي ڪچن جي بجيٽ ٻيڻ کان وڌي ويو آهي، حڪومت خوش فهمي  ۾ آهي ته ان قدم سان مهانگائي گهٽ ٿي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.