سوڊاني فوج ۽ سياستدانن ۾ ٺاهه، وزيراعظم بحال

سوڊان (م ڊ) سوڊان ۾ فوجي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن وچ ۾ مفاهمتي ٺاهه ٿي ويو آهي. فوجي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ٺاهه تحت هٽايل وزيراعظم عبدالله حمدوڪ کي بحال ڪرڻ ۽ جيل مان سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب فوجي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ڪرائيندڙ  ثالثن جو چوڻ آهي ته سياسي ڌرين، اڳوڻي باغي گروپن ۽ فوجي قيادت وچ ۾ معاهدو ٿيو، سياسي اڳواڻ فضل الله ناصر جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم عبدالله حمدوڪ ٽيڪنوڪريٽ جي ڪابينا ٺاهيندو. ياد رهي ته 25 آڪٽوبر تي سوڊاني فوج جي سربراهه جنرل عبدالفتاح برهان ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري وزيراعظم عبدالله حمدوڪ کي نظربند ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي نظربند ڪيو هو. مارشل لا لڳڻ کان وٺي ملڪ ۾ جمهوريت جي حق ۾ مظاهرا جاري آهن ۽ عالمي برادريءَ طرفان جمهوري راڄ جي بحالي لاءِ مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي. ياد رهي ته سوڊان ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ شروع ٿيل عوامي مظاهرن جي نتيجي ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 40 تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.