گئس بحران ۽ ٻين مسئلن جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي: بلاول

ڪراچي( رپورٽر)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري گئس بحران سميت سڀني مسئلن جو حل پي ٽي آءِ ڪومت جو خاتمو آهي.  ملڪ ۾ گئس بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ عوام جي گهرن جا چُلها به ٿڌا ٿي ويا، عمران خان مسلسل بحرانن کي جنم ڏئي عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان هڪ ويلي لاءِ دربدر شهرين کان معافي گهري، جيڪڏهن حڪومت وقت تي ايل اين جي گهرائي ها ته اڄ گئس جي کوٽ نه ٿئي ها، اسان جي حڪومتي دور جو پاڪ ايران گئس پائپ لائن منصوبو مڪمل ڪرڻ سان توانائي بحران نه ٿئي ها، گئس مهانگي ڪري عوام جي پهچ کان پري ڪئي وئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.