سپريم ڪورٽ کان ناظم جوکئي جي قتل خلاف پاڻمرادي نوٽيس لاءِ مهم، مظاهرن جو اعلان

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پروفيسر اعجاز قريشي، خليل چانڊيو، ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر، ايڊووڪيٽ خليل شاهه، ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو ۽ ٻين ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مقتول ناظم جوکيو جو قتل ملير نه پر عالمي قتل آهي ان سان گڏ سنڌ جي شعور جو قتل آهي، پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام معاشري کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو آهي، مقتول ناظم جوکيو پرڏيهي شڪارين جي وڊيو وائرل ڪئي جيڪا ايڏي وڏي ڳالهه نه هئي جو کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو، سول سوسائٽي پاران ناظم جوکيو کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان سو موٽو نوٽس وٺڻ لاءِ صحيح مهم جي شروعات ڪيون پيا، سنڌ جا اديب تاريخدان، وڪيل ، صحافي ۽ سول سوسائٽي گڏ ٿي حڪومت تي دٻاءُ وجهنداسين ته مقتول ناظم جوکيو جي گهرواري سندس ٻچن ۽ امڙ کي تحفظ سميت حق ڏنو وڃي، خليل چانڊيو چيو ته اسان هن ڪيس کي هڪ دفعو ٻيهر عالمي ليول تي کڻڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان جي سمورن انساني حقن جي تنظيمن سان پڻ رابطي ۾ آهيون ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويهنداسين، هن ڪيس جا جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ جدوجهد جو عزم ڪيون ٿا، مقتول ناظم جوکيو جو ڏوهه فقط اهو هو ته هن سردار کان معافي نه ورتي ۽ ان ڏوهه ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، ايڊووڪيٽ خليل شاهه چيو ته مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو پاران عدالت ۾ 164 جو بيان ڏيڻ سان وڪيلن سميت سنڌ جي شعور ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ڪيس کي لئي مٽيءِ ڪرڻ لاءِ وڏيون قوتون لٿل آهن، جيڪي راڄوڻي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، پر اسان هن ڪيس کي شاهزيب جي ڪيس وانگر سول سوسائٽي کي ميدان ۾ آڻينداسين هر ماڻهو هن ڪيس جو فريادي ٿي سگهي ٿو، جڏهن سول سوسائٽي جا ماڻهو ڪيس ۾ ڌر ٿيندا ته پوءِ مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو جو به ڪردار ختم ٿي ويندو، ايڊووڪيٽ عصمه ابڙو چيو ته هن وقت مقتول جي گهرواري شيرين جوکيو جي مالڪي ڪرڻ جو وقت آهي، سول سوسائٽي کي متحرڪ ٿيڻو پوندو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان جو فقط هڪ مطالبو آهي ته مقتول ناظم جوکيو قتل ڪيس جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي سزا ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.