ناظم جوکيو کي قتل ڪندڙ اسيمبلي ۾ ويٺل آهن: ارباب رحيم

عمرڪوٽ(ن ع آ) وزير اعظم جي معاون خصوصي ارباب غلام رحيم انصاف ھائوس عمرڪوٽ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ناظم جوکيو کي انھن قتل ڪيو جيڪي اسيمبلي ۾ ويٺا آھن ڇا ٿو ڪري سگھجي پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ ضلعي عھديدار دوست محمد ميمڻ ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي انجنيئر ڪانجي مل ميگھواڙ ڄام ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا ،هن وڌيڪ  چيو ته 17 شگر ملون اومني گروپ وارن جون آھن اھي منھنجون ناھن ھن چيو ته سنڌ ۾ پوليس گردي جو راڄ آھي امن امان تباھ آھي آئون 58 ٽو بي ۽ گورنر راڄ جو حامي آھيان وفاقي حڪومت سنڌ ۾ خوشحالي آڻڻ چاھي ٿي پر سنڌ حڪومت رڪاوٽون پئي وجھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.