مخدوم امين فهيم جي ڇهين ورسي، پ پ جي ڪنهن اڳواڻ شرڪت نه ڪئي

هالا(ن ع آ) ملڪ جي نامورسياسي علمي و ادبي ۽ شاعراڻي طبيعت جي مالڪ مرحوم مخدوم امين فهيم جي ڇهين ورسي جي موقعي تي ۽ مخدوم امين فهيم ويلفيئر ٽرسٽ اسپتال جي افتتاح جي موقعي تي صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم امين فهيم ملڪ جي سياست جو هڪ وڏو ٿنڀو ۽ هالا سميت مٽياري ضلعي جي عوام لاءِ ڇپر و ڇانو هو سندس خال ڀرڻ تمام مشڪل آهي، هن پنهنجي سڄي ڄمار شرافت جي سياست ڪندي ملڪ ۽ پيپلزپارٽي جو دنيا ۾ نالو قائم رکيو هو پارٽي لاءِ سندس قربانيون ڪنهن کان به ڳجھيون ناهن رهيون، مخدوم محبوب الزمان تعلقه اسپتال هالا ۾ عوام کي ڪا به سهوليت نه ملڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته تمام جلد شهرين جي صحت جي مسئلي کي حل ڪندي تعلقه اسپتال هالا کي پي پي ايڇ آئي يا ٻي ڪنهن نجي اداري حوالي ڪري عوام کي علاج و معالج جون بهتر سهولتون فراهم ڪري ڏنيون وينديون. مخدوم محبوب الزمان سياسي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سامهون گورنر جي ڪا به حيثيت ناهي،ملڪ ۾ سياسي قيادت جي کوٽ آهي، عمران نيازي ناڪام حڪومت ٺاهي وقت ضايع ڪيو، هن چيو ته اليڪشن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي خدشا آهن، جنهن تي هو اليڪشن ڪميشن سان ڳالهائيندا. هن چيو ته هالا ۾ اين آءِ سي وي ڊي قائم ڪرڻ سميت اسپتال جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ان موقعي تي ساڻس گڏ مخدوم هائوس هالا جو ڪوارڊنيٽر سيد ممتاز علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد غلام مرتضيٰ شاهه۽ ٻيا موجود هو.مخدوم آمين جي ورسي تقريب ۾ پيپلزپارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ شرڪت نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.