سماج ۾ گهُٽ وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ لکندڙن کي خاموش ڪرايو ويو آهي: ثمينا ناز

حيدرآباد(رپورٽر) خانه بدوش رائٽرس ڪفيي حيدرآباد پاران “ليکڪ سان ملاقات” ۾ اردو ادب جي نامياري ليکڪه ۽ ڪهاڻيڪار ثمينا نذير سان فڪري ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس ڪهاڻين جي ڪتاب“ڪلو” جو مهورت ڪيو ويو، تقريب ۾ ثمينا نذير کانسواءِ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪه نور الهديٰ شاهه، عطيه دائود ۽ پبليشر حوري نوراني ڪتاب تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي نامياري ليکڪه ۽ ڪتاب “ڪلو” جي تخليقڪار ثمينا نذير ڳالهائيندي چيو ته ٽي وي جو ڊرامو ويهي لکڻو پوندو آهي، پر ڪلو جهڙو افسانو دل مان نڪرندڙ پنهنجن احساسن جي ذريعي تخليق ٿي ويندو آهي، اهو نه سوچيو هو ته آئون ويهي ٻين جون ڪهاڻيون لکنديس. هن چيو ته دنيا جي سمورين عورتن جي صورتحال تقريبن ساڳي آهي، پر خاص طور تي برصغير جي عورت جي تنهائي، محرومي ۽ خواب الڳ موضوع آهن. هن چيو ته  پاڪستان ۾ لکندڙن کي خاموش ڪرايو ويو آهي يا هو خاموش ٿي ويا آهن، هن ڪتاب ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته پنجن جملن واري ڳالهه هڪ جملي ۾ چئي ڇڏجي. هن چيو ته پاڪستان اچڻ کانپوءِ مون پاڪستان کي صوفياڻو سڏجندي ٻڌو، سڀ صوفي پئي لڳا، پر حقيقت ۾ رڳو چوليون تبديل ٿيون هيون، حقيقي صوفي سماج جڙڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر هاڻ سماج ۾گُهٽ وڌي وئي آهي. هن چيو ته ڪهاڻيون لکڻ لاءِ درد کي محسوس ڪرڻ ضروري آهي، منٽو جي دور ۾ انفارميشن جا ذريعا موجود نه هئا، پر هاڻ ڄاڻ جا جديد طريقا اچي ويا آهن ان ڪري ڪتاب جي خريد گهٽ ٿي آهي، هاڻ ماڻهو ڪتاب خريد ڪرڻ بدران موبائل فون خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، پر ڪتاب پڙهڻ وارا ڪتاب پڙهي وٺن ٿا، ڪتاب جي پنهنجي الڳ حيثيت آهي. نامياري ليکڪه نور الهديٰ شاهه چيو ته اسان جي سماج ۾ عورت تي ڪيتريون ئي بندشون آهن، ان ڪري بولڊ عورت ليکڪه کي پڙهڻ ضروري آهي، جنهن سان عورتن ۾ ڳالهائڻ جي سگهه پيدا ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته ڀارت جي حيدرآباد دکن ۽ اسان جي حيدرآباد جي صورتحال ساڳي آهي، اتي نوابن جو ڪردار رهيو آهي ته اسان جي حيدرآباد ۾ سردارن ۽ جاگيردارن وارو ڪردار آهي، هن چيو ته ڳالهائڻ واري سان ڪير به نٿو پڃي سگهي پر چپ رهڻ وارو سدائين پريشان ئي رهندو آهي. هن چيو ته  ثمينا نذير اردو ادب ۾ انسان جي اندر جي خيالن تي لکيو آهي، ان مرد تي لکيو آهي جيڪو عورت کي انسان ئي تصور نٿو ڪري، ڪلو جهڙيون ڪهاڻيون پڙهندا ته توهان جي زبان کلندي ۽ ذهن کي نوان رستا ملندا. هن چيو ته هن وقت سنڌي ادب ۾ ڪلو جهڙا افسانه نٿا اچن ۽ اردو ادب ۾ به وڏي عرصي کانپوءِ ڪلو جهڙو هي افسانو سامهون آيو آهي. هن چيو ته ٻوليءَ کي ترجمو ڪري پڙهجي ته ٻوليون ساڳيون آهن، سنڌي ادب ۾ بولڊ لکڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، هن قسم جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌي ليکڪائون ۾ کلي لکڻ جي همت پيدا ٿيندي. عطيه دائود چيو ته هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿي رهيو آهي ته ثمينا جي ڪتاب ۾ ڪردار هڪ ئي عورت آهي، ثمينا جو قلم جمالياتي مهارت مان هٿ نٿو ڪڍي. هن چيو ته هن ڪتاب ۾ درد کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اهڙا جملا آهن جيڪي دل ۾ لهي وڃن ٿا، هن ڪتاب ۾ عورت جي تڪليف ۽ پريشانين جا ڪيترائي ڪردار ملن ٿا. ڪتاب جي پبليشر حوري نوراني چيو ته مون ڪتاب ڪلو جي هر ڪهاڻي جي پيڙا کي سمجهيو آهي، هن ڪتاب جي هر ڪردار کي پنهنجي اندر ۾ ساڍي رکيو آهي. ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪه ثمينا نذير ۽ امر سنڌو ڪتاب ۾ ڪهاڻين جا ڪجهه حصا پڙهي ٻڌايا، هن ڪتاب ۾ حيدرآباد دکن جو لهجو پڻ شامل آهي، جيڪو مختلف ڪهاڻين ۾ ملي ٿو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.